چوري جي ڪوشش ناڪام: چور ڪچن جي ايگزاسٽ سوراخ ۾ ڦاسي پيو

چوري جي ڪوشش ناڪام: چور ڪچن جي ايگزاسٽ سوراخ ۾ ڦاسي پيو

نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) چوري جي ڪوشش ته ناڪام ٿي وئي پر  چور ڪچن جي ايگزاسٽ سوراخ ۾ ڦاسي پيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست راجسٿان ۾ چوري جي انوکي واردات سامهون آئي آهي.  2 چور هڪ واپاري سڀاش ڪمار راوت جي گهر ۾ چوري لاءِ داخل ٿيا، هڪ چور ڪچن ۾ ايگزاسٽ فين لاءِ ٺاهيل سوراخ ۾ بري طرح ڦاسي پيو جڏهن ته سندس رڙين  سبب ٻيو چور فرار ٿي ويو. گهر ڀاتي شادي جي دعوت ۾ کاٽو شيال ويل هئا، انڪري چورسڄي رات ۽  سڄو ڏينهن سوراخ ۾ ڦاٿل رهيو، ٻن ڌينهن بعد ڀاتي گهر  واپس آيا ۽ مالڪياڻي جيئن ئي در کوليو ته چور کي ڪچن جي سوراخ ۾ ڦاٿل ڏسي حيران ٿي وئي. جنهن بعد فوري طور پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.  اطلاع تي پوليس پهچي وڏي جدوجهد بعد چور کي سوراخ مان ٻاهر ڪڍيو  ۽ حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار جي ٻئي ساٿي جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته سندن ڪرمنل رڪارڊ به ڏسي رهيا آهيون جنهن بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.