چور شوقين يا سياڻو: سون يا پئسا نه چاڪليٽ جي ٽرڪ چوري

چور شوقين يا سياڻو: سون يا پئسا نه چاڪليٽ جي ٽرڪ چوري

روم (انٽريسٽنگ نيوز) اٽلي ۾ هڪ اهڙي چوري ٿي جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. نه ته سون جا زيور ۽ نه ئي پئسا چوري ٿيا، پر چوري سڀ کان مشهور چاڪليٽ، ڪِٽ ڪيٽ جي هئي. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڪِٽ ڪيٽس سان ڀريل هڪ ٽرڪ اٽلي کان پولينڊ وڃي رهي هئي ته 12 ٽن ڪِٽ ڪيٽ چاڪليٽ چوري ٿي ويو، جنهن جي ماليت 413,000 يورو کان وڌيڪ هئي. ڪمپني پنهنجي چاڪليٽ جي چوري جي حوالي سان هڪ بيان ڏنو ته اسان عوام کي ڪِٽ ڪيٽس کائڻ جو چيو آهي، جنهن کي چورن تمام گهڻي سنجيدگي سان ورتو آهي. اسان ڏوهارين جي غيرمعمولي ذائقي جي تعريف ڪريون ٿا، حقيقت اها آهي ته ڪارگو چوري هر قسم جي ڪاروبار لاءِ مسئلو آهي.