چور ۾ عيد ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پختون اليون کٽي ورتي: الصابر ڪلب اکيراج کي شڪست

چور ۾ عيد ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پختون اليون کٽي ورتي: الصابر ڪلب اکيراج کي شڪست

ڇور ( ن پ ا  ) صوفي غلام محمد ڪرڪيٽ گرائونڊ  ڇور ته  عيد جي خوشي جي موقعي ته دلدار سومرو شفيع محمد شاھنواز ۽ جاويد سومرو  پاران  ڪرايل تمام زبردست ٽيپ بال  ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو   فائنل مئچ پختون اليون ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ۽ الصابر ڪرڪيٽ ڪلب اکيراج  وچ ۾ ٿيو پختون اليون ڪرڪيٽ ڪلب  پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 3 اوورن ۾ 59 رنسون ٻن وڪيٽن جي نقصان ته ٺاھيون جنھن ۾ انور پٺاڻ 36   رنسون ٺاھيون  جواب ۾ الصابر ڪرڪيٽ ڪلب اکيراج مقرر اوورن ۾ 57 رنسون ٻن وڪيٽن جي نقصان ته ٺاھي سگھي الصابر ڪرڪيٽ ڪلب طرفان سروڻ سنگھ سوڍو 34  رنسون ٺاھيون  اھڙي طرح پختون اليون ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ٻن رنسن کان  فائنل کٽي ورتو  آخر ۾  مھمان خاص سائين بلال سومرو حنيف سومرو صاحبدين سومرو ممتاز سومرو استاد جمشير سومرو سائين ھاشم سومرو معاروف سومرو عيسي سومرو  ۽ ٻين  پاران ونر ٽيم جي ڪيپٽن  دولت پٺاڻ  کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز  رنر ٽيم جي ڪيپٽن حاجي بجير کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز  مين آف دي مئچ انور پٺاڻ  مين آف دي سيريز عامر پٺاڻ بيسٽ آلرائونڊر سنڊيپ سوڍو   بيسٽ امپائرز علي نواز سميجو ۽ خالد جمشير سومرو بيسٽ ڪامينٽر سرفراز منڱريو  بيسٽ اسڪورز برڪت سومرو منير سومرو  کي ٽرافيون ڏنيون