چولستان ڪئنال تي سنڌ سراپا احتجاج آهي، سي سي آءِ جي فيصلي تائين رٿا کي روڪيو: وزيراعليٰ جو اسحاق ڊار کي خط

ڊسمبر 1, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه انڊس رور سسٽم تي  چولستان ڪئنال تعمير ڪرڻ واري وفاقي منصوبي جي باضابطا مخالفت ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي خط لکي ڇڏيو . وڏي وزير خط ۾ چيو آهي ته 11 آڪٽوبر 2024 ع تي سي ڊي ڊبليو پي غيرقانوني طور چولستان ڪئنال پراجيڪٽ جي منظوري ڏني هئي. خط موجب سليمانڪي هيڊ ورڪس وٽان فيڊرل ڪئنال ڪڍيو پيو وڃي، جنهن مان  4 ڪئنالن لاءِ 4122  ڪيوسڪس پاڻي کنيو ويندو.انهي تڪراري فيڊر ڪئنال مان نيو فتح، ، نيو مراد ، نيو هاڪڙو ۽ نيو هارون ڪئنال ڪڍي بهاولپور ۽ بهاول نگر ضلعن ( ستلج ندي ڀارت کي وڪڻڻ سبب بنجر ٿيل ڇوٽا چولستان جي ريگستاني زمين ) جي  6 لک 10 هزار ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪئي ويندي. خط موجب  پنجاب حڪومت چولستان ڪئنال لاءِ پاڻيءَ جي موجودگي بابت ارسا کان سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيو آهي جنهن سان ارسا ۾ سنڌ ميمبر اتفاق نه ڪيو هو.وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو  ته سنڌ کي پاڻيءَ جي موجودگي بابت ارسا جي سرٽيفڪيٽ تي خدشا آهن. اها رد نه ڪرڻ جوڳي حقيقت آهي ته صوبا پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. گذريل ڪيترن ئي سالن کان خريف جي مند ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 50 سيڪڙو تائين رهي آهي، جنهن سان سنڌ جي معيشت کي اربين رپين جو نقصان پهتو آهي. مراد علي شاهه خط ۾ چيو ته رٿابندي واري وفاقي وزارت پاران 7 فيبروري تي ايڪنڪ آڏو نيشنل اريگيشن نيٽ ورڪ جو منصوبو پيش ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ارسا کان اين او سي وٺڻ جو شرط رکيو ويو هو ۽ صوبن کان راءِ وٺڻ لاءِ چيو ويو هو، جنهن کي سي سي آءِ منظور ڪيو ۽ سي سي آءِ ۾ طئه  ٿيو ته هر منصوبي تي غور ٿيندو.وڏي وزير خط ۾ چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي سي سي آءِ ۾ ڪئنالن بابت پنهنجو ڪيس پيش ڪري چڪي آهي، وڏي وزير طور مون رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال سان رابطو ڪري درخواست ڪئي هئي ته سي سي آءِ جو فيصلو اچڻ تائين ڪئنالن جي منظوري نه ڏني وڃي.وڏي وزير چيو ته سي ڊي ڊبليو پي جي اجلاس ۾ سنڌ انهي  منصوبي تي واضح طور اعتراض واريا هئا. پيرا 4 جي شيڊيول 2 تحت سي سي آءِ ان معاملي تي رٿابندي ۽ پاڻي جي وسيلن وارين وزارتن ۽ صوبن کان ڪمينٽس وٺڻ جي پابند آهي. وڏي وزير خط ۾ وڌيڪ چيو ته چولستان ڪئنال پراجيڪٽ حساس ۽ تڪراري معاملو آهي، سنڌ ۾ سياسي جماعتون، زراعت سان لاڳاپيل تنظيمون ۽ سول سوسائٽي سراپا احتجاج آهن ۽ هڪ وسيع احتجاجي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي، توهان کي درخواست آهي ته جيستائين گڏيل مفادن واري ڪائونسل فيصلو نه ڪري، تيستائين ڪئنالن جو معاملو ايڪنڪ ۾ بحث هيٺ نه آندو وڃي ۽ سي ڊي ڊبليو پي کي به پنهنجي فيصلي تي نظرثاني جي هدايت ڪئي وڃي.

Leave A Comment