ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) چوماسي جي هوائن سنڌ جو رُخ ڪري ورتو، صوبي ۾ سڀاڻي کان 11 جولاءِ تائين تيز ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات جاري آهي، مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي
لاڙڪاڻو، دوداپور، شھدادڪوٽ، ٺٽو، قبوسعيد خان، ڪچي پل ۽ ڀرپاسي برسات، اڳڙا، بهرام، رتوديرو، ميرو خان، مدئجي، پکو، ڳيريلو، باڊهه، نئون ديرو، محرابپور ۽ ڀرپاسي به وسڪارو پيو
اڪري چودڳي، واهي پانڌي، جوهي، نوان جتوئي، ٺارو شاهه ۽ ڀرپاسي به ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات پئي، گرمي جو زور ٽٽي پيو، موسم خوشگوار ٿي وئي
طوفاني سان گڏ برسات سبب ڪيترن ئي دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا، مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو
جڏهن ته ڪاڇي جي کير ٿر جبل تي گذريل رات پيل تيز برسات بعد مزراڻي، سگهرو ۽ دلان نيون وهي آيون، نيون وهي اچڻ بعد تيل گئس ڪمپني ڏانهن ويندڙ مين روڊ پاڻي ھيٺ اچي ويو
گڙتل، رئيس بھارو خان رند سميت10 کان وڌيڪ ڳوٺن جو فريدآباد، حمل، وارهه ۽ ٻين شهرن سان زمين رابطو ڪٽجي ويو
ٻئي طرف موسميات کاتي چيو آهي ته 7 ۽ 8 جولاءِ تي ڪراچي، حيدر آباد، سکر ۽ جيڪب آباد برسات پوندي، گهوٽڪي، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو، ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جا امڪان آهن
عمرڪوٽ، دادو، ميرپور خاص ۽ بدين ۾ به گجگوڙ سان وسڪارن جا امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته برسات دوران شهري ٻوڏ جهڙي صورتحال جو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي
ٻئي طرف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات، موسم خوشگوار،لاڙڪاڻي ۾ تيز هوا سان گڏ وسڪارو ٿيڻ بعد گرمي جو زور ٽٽي پيو
شهداد ڪوٽ، نئون ديرو، باڊهه، ڏوڪري ۾ وسڪارو، دوداپور ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ طوفاني برسات بعد بجلي بند ٿي وئي، رتوديرو ۽ ڀرپاسي ۾ به مينهن وسيو ، ڪيترن ئي دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا جڏهن ته مدئجي، ڳيريلو ، بهرام ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان برسات موسم خوشگوار ڪري ڇڏي