چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جو الزام: احد چيما سوڌو آءِ جي ۽ ڊي سي اسلام آباد کي هٽايو ويو
ڊسمبر 26, 2023
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ اليڪشن ڪميشن جي ھدايتن تي صلاحڪار احمد چيما کي ھٽائڻ جي منظوري ڏيندي ايڊوائيز صدر مملڪت کي اماڻي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي ھدايت تي آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر ۽ ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ کي به هٽايو ويو، وزير اعظم آفيس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کان آفيسرن جا نالا گھري ورتا. اليڪشن ڪميشن عزيز الدين ڪاڪا خيل جي درخواست تي اڳوڻي وزير اعظم شھباز شريف جي ڪابينا ۾ شامل ماڻھن کي نگران ڪابينا مان ھٽائڻ واري ڪيس ۾ نگران وزير اعظم جي صلاحڪار احمد چيمه کي ھٽائڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو، چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ متعلق ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن پاران ڊي سي ۽ آءِ جي اسلام آباد کي به هٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي.