اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته هاڻوڪين چونڊن مان ثابت ٿيو ته پي ٽي آءِ باني جا به لکين حامي آهن، پي ٽي آءِ باني ڪو عام ڏوهاري يا قيدي نه آهي، چونڊيل نمائندن جي توهين ۽ هيسائڻ ۾ عدليه جو ڳٺجوڙ رهيو
جسٽس اطهر من الله جو نيب ترميمن واري ڪيس ۾ لائيو اسٽريمنگ بابت اختلافي نوٽ سامهون اچي ويو، 13 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ ۾ سندس چوڻ هو ته عوام کي سپريم ڪورٽ جي سڌي نشريات تائين پهچ نه ڏيڻ جو ڪو به ٺوس سبب موجود نه آهي، ان سان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ طئي ٿيل اصولن جي ڀڃڪڙي ٿيندي
هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف به عام قيدي يا ڏوهاري نه هئا، نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو کي به هيسايو ويو، سندن خلاف اڻ چونڊيل ماڻهن پاران بنا ثبوتن جي ڪرپشن جا ڪيس ٺاهيا ويا
جسٽس اطهر من الله چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته هڪ ٻئي اڳوڻي وزيراعظم خلاف ڪيترائي ٽرائل هلايا پيا وڃن، جن مان ڪجهه ۾ هن کي سزا به ٻڌائي وئي آهي
هن چيو ته نيب جي ڪري شاهد خاقان، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني جي نه رڳو تذليل ڪئي وئي پر سندن وقار به مجروح ڪيو ويو، اهو تاثر آهي ته عدليه جي ڳٺجوڙ جي ڪري چونڊيل نمائندن سان بدسلوڪي ٿيندي رهي آهي