اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) نگران حڪومت پاران اليڪشن ڪميشن جي اعلان جي آجيان ڪئي وئي آهي سڌ سماءَ جي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان خوش آهيون ته ملڪ ۾ آئين تحت عام چونڊون ڪرايون وينديون
سندس چوڻ هو ته چونڊن جي اعلان سان ملڪ ۾ سڌارن، معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام ۾ اضافو ٿيندو، آئين ۾ لکيل آهي ته چونڊيل نمائندا ئي ملڪ کي هلائيندا
هن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جو مُدو ڊگهو هجڻ جون خبرون هلائيندڙن لاءِ اي سي پي جو اعلان مايوس ڪندڙ آهي