چونڊن جو بائڪاٽ نه ڪنداسين، تحريڪ انصاف هر صورت ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺندي: گوهر خان

جنوري 1, 2024

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف هر صورت ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي 380 اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آهن، صنم جاويد جا ڪاغذ رد ڪندڙ کي خبر ئي نه هئي ته کيس اعتراض ڪهڙو آهي.  خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي گوهر خان چيو ته منهنجي ڄاڻ موجب سياسي پارٽين جا 550 ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن، جن ۾ ن ليگ جا 28 ۽ پيپلزپارٽي جا 40 نامزدگي ڪاغز رد ڪيا ويا آهن. پر پي ٽي آءِ جي 380 اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آهن. هن چيو ته فارم رد ڪرڻ واري عمل خلاف اسين سپريم ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪرائينداسين. اميد آهي ته عدليه معاملي ۾ مداخلت ڪندي. هن چيو ته تحريڪ انصاف اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪندي، هر صورت ۾ اليڪشن وڙهنداسين.  سندس چوڻ هو ته اڄ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات ڪندس. بيٽ جو چونڊ نشان کسيو ويو ته اهو پي ٽي آءِ سان تمام وڏو ظلم ٿيندو.

Leave A Comment