چونڊن جو چنڊ مبارڪ هجي: ليول پلينگ فيلڊ ماضي ۾ ناهي ملي ۽ نه هاڻي اميد آهي: بلاول
نومبر 4, 2023
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڀني کي اليڪشن جي چنڊ جون مبارڪون هجن، بهتر ٿئي ها ته اليڪشن جي تاريخ جي اعلان لاءِ سپريم ڪورٽ کي مداخلت نه ڪرڻي پوي ها، پ پ کي ماضي ۾ ليول پلينگ فيلڊ ناهي ملي ۽ نه ئي وري هاڻي ڪا اميد آهي، انهي باوجود اسان ماضي ۾ به حڪومتون ٺاهيون، ايندڙ عام چونڊن ۾ به ميدان ماري ڏيکارينداسين، ڪالهه هتي فلاحي تنظيم جي ڊي سي جي پهرين مفت ڊائگنوسٽڪ ليب جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عام چونڊن ۾ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪوبه فيصلو نه ٿيو آهي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت تي سمورين پارٽين کي متفق ٿيڻ گهرجي، سالن کان ترسيل غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي بابت پڇيل سوال جي موٽ ۾ هن چيو ته پرڏيهين جي واپسي بابت پيپلزپارٽي جو موقف چِٽو آهي پر انساني حقن جو خيال رکڻ ضروري آهي.