چونڊن جي جاچ ڪرائڻي آهي ته شروعات 2018ع کان ٿيڻ گهرجي، چئني صوبن جي ترقي چاهيون ٿا: وزيراعظم

چونڊن جي جاچ ڪرائڻي آهي ته شروعات 2018ع کان ٿيڻ گهرجي، چئني صوبن جي ترقي چاهيون ٿا: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي واري معاهدي ۾ پاڪستان جو ثالثي وارو ڪردار هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل هن اهم اڳڀرائي سان عالمي امن جي راهه هموار ٿيندي. ملڪ جي حقيقي ترقي تڏهن ممڪن آهي جڏهن چارئي صوبا هڪجهڙي ترقي حاصل ڪن. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سوئٽزرلينڊ جي برگن اسٽاڪ علائقي ۾ ايران ۽ آمريڪا جي قيادت وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ پاڪستان ثالث طور اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان خلوص ۽ محنت سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اختلاف گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، جنهن کانپوءِ مسلسل ڳالهين جي نتيجي ۾ گڏيل پڌرائي تي اتفاق ٿيو. هاڻي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ 60 ڏينهن دوران فني سطح جا ڳالهيون ٿينديون اميد آهي ته يادداشت مفاهمت جلد هڪ پائيدار معاهدي ۾ تبديل ٿيندي، جنهن سان دنيا ۾ امن قائم ٿيندو. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي هن ڪردار کي عالمي ميڊيا وڏي اهميت ڏني آهي ۽ دنيا جي وڏين اخبارن پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي نمايان نموني اجاگر ڪيو آهي. هن ان ڪاميابي تي قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سڄي قوم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ايران جو صدر مسعود پزڪشيان پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. اپوزيشن جي تنقيد جو جواب ڏيندي شهباز شريف چيو ته هن هميشه اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته رڳو پنجاب يا سنڌ جي ترقي پاڪستان جي ترقي نه آهي، پر چارئي صوبن جي گڏيل ترقي ئي ملڪ جي حقيقي ترقي سڏبي. بلوچستان جي وسيلن ۾ واڌ لاءِ چارئي صوبن رضاڪاراڻي طور پنهنجو حصو وڌايو آهي. وزيراعظم 2018ع ۽ 2024ع جي چونڊن بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن چونڊن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ان جي شروعات 2018ع جي چونڊن کان ٿيڻ گهرجي، جنهن کان پوءِ ٻين چونڊن جو به جائزو ورتو وڃي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن تڪرارن بدران ايران جي صدر جي آجيان ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين کي ساراهڻ لاءِ وقف ٿيڻ گهرجي.