چونڊن لاءِ آئيني گهرجون پوريون ٿي چڪيون،اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿيندي: نگران وزيراعظم

جنوري 18, 2024

اسلام آباد: (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن لاءِ آئيني گهرجون پوريون ڪري چڪو آهي ۽ عوام کي ووٽ ڏيڻ جو موقعو ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي. پرڏيهي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان 4 ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي پر غيرقانوني رهندڙ پرڏيهي پاڪستان جي سيڪيورٽي لاءِ خطرو آهن. ان ڪري پاڪستان ۾ جيڪو به ايندو اهو قانوني دستاويزن سان گڏ داخل ٿيندو. عام چونڊن بابت ڳالهيون ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته  چونڊن کان اڳ افواهون پکيڙيون پئي ويون پر پاڪستان ۾ عام چونڊن جون تياريون جاري آهن عوام کي ووٽ ڏيڻ جو موقعو ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن لاءِ آئيني گهرجون پوريون ڪري چڪو آهي ۽ چونڊن جي دوران عالمي مبصر به پاڪستان ايندا. هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي. آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. خطي جي صورتحال ۾ پاڪستان ۾ تمام اهم ڪردار آهي. چين اسان اسان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته عمران خان پنهنجي سياسي خيالن جي ڪري نه پر ڀڃ ڊاهه ۽ گهيراءُ کان ڀڙڪائڻ جي ڪري جيل ۾ بند آهي. پي ٽي آءِ جي الزامن تي هن چيو ته مان اهو نٿو چوان ته اسان هڪ مثالي جمهوريت ۾ رهي رهيا آهيون پر ڪجهه خدشا موجود آهن اسان جيترو ٿي سگهي ڪوشش ڪنداسين ته  ماڻهن کي پنهنجي مستقبل جي قيادت کي چونڊ ڪرڻ جو موقعو ڏيون. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته عمران خان پنهنجي سياسي خيالن جي ڪري جيل ۾ ناهي پر 9 مئي جي فسادن ۾ مبينه طور ملوث هجڻ ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي ڀڃ ڊاهه ۽ گهيراءُ تي ڀڙڪائڻ جي ڪري جيل ۾ بند آهي. ڇا اهڙي طرح جي رويي سان قانون کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. جيئن آمريڪا ۾ ڪيپيٽل بل تي حملي ۾ ملوث ماڻهن سان سلوڪ ڪيو ويو. بي گناهه ماڻهو نه پر ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيسن ۾ ملوث ماڻهو جيلن ۾ آهن مان انهي کي ناانصافي نٿو سمجهان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊن ۾ عالمي مبصر هوندا. ميڊيا ان جي رپورٽنگ ڪندي جنهن سان خبر پوندي ته چونڊون ڌانڌلي واريون ٿيون يا شفاف پاڪستان ۾ ميڊيا مغربي ملڪن کان وڌيڪ آزاد آهي. جيڪڏهن اوهان ڀيٽ ڪريو ته مغربي ميڊيا تي پاڪستاني ميڊيا کان وڌيڪ پابنديون آهن.

Leave A Comment