چونڊن لاءِ جلد ڊي آر اوز ۽ آر اوز مقرر ڪرڻ جو فيصلو، عدالت مان فهرست ملي وئي
نومبر 4, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊن لاءِ جلد آر اوز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن نومبر جي وچ ۾ ڊي آر اواز ۽ آر آوز جي مقرري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن کي عدليا مان ڊي آر اوز ۽ آر اوز جون فهرستون وصول ٿي ويون آهن، اليڪشن ڪميشن بيورو ڪريسي جي آفيسرن جون فهرستون به تيار ڪري ورتيون آهن. آر اوز عدليا مان يا بيورو ڪريسي مان هوندا، حتمي فيصلو اليڪشن ڪميشن جلد ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي آر اوز جي مقرري کانپوءِ رٽرننگ آفيسرن کي نومبر جي ٽئين هفتي ۾ ٽريننگ ڏني ويندي، اليڪشن ڪميشن آر اوز جي مقرري کانپوءِ ڊرافٽ پولنگ اسڪيم آر اوز کي فراهم ڪندي، آر اوز عام چونڊن لاءِ حتمي پولنگ اسڪيم تيار ڪندا.