چونڊن کان اڳ عوام لاءِ مهانگائي جو پيغام: پيٽرول 13.55 ۽ ڊيزل 2.75 رپيا لٽر مهانگو

فيبروري 1, 2024

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت چونڊن کان اڳ عوام تي هڪ ٻيو مهانگائي جو بم ڪيرائي چڏيو. پيٽروليم شيون مهانگيون ڪري ڇڏيون رات نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ في لٽر 13 رپيا 55 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 75 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي، لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 3 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي، گاسليٽ جي قيمت ۾ 24 پئسا في ليٽر لاٿ جي منظوري ڏني وئي.

Leave A Comment