چونڊن کان مهينو اڳ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، افواهن تي ڌيان نه ڏيو: نگران سرڪار
جنوري 8, 2024
اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري عمر حميد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب عمر حميد طبعيت ۾ ناسازي سبب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اڃا تائين اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي استعيفيٰ منظور ناهي ڪئي.عمر حميد جو ٻن سالن جو ملازمت جو مدو گذريل سال جولاءِ ۾ ختم ٿيو هو پر چيف اليڪشن ڪمشنر سندس ملازمت جي مدي ۾ هڪ سال واڌ ڪئي هئي.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي استعيفيٰ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن ملڪ ۾ عام چونڊون ويجهو آهن. هوڏانهن اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ايڪس تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جي استعيفيٰ بابت چيو ته افواهن تي ڌيان نه ڏيو، عمر حميد واقعي بيمار آهي. الله پاڪ کان ان جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. جاري پوسٽ ۾ هن چيو ته نگران وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن مڪمل طور تي فعال آهي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به بحران ناهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري عمر حميد هڪ ذهين ۽ محنتي آفيسر آهي. عمر حميد سٺي طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي. عمر حميد جي طبيعت ڪجهه ڏينهن کان خراب هئي. عمر حميد هن وقت ميڊيڪل ريسٽ تي آهي. عمر حميد جي صحت اجازت ڏني ته هو جلد پنهنجا فرض انجام ڏيندو. موڪلن جي ڏينهن دوران به اليڪشن ڪميشن جون آفيسون ڪم ڪري رهيون آهن. سيڪريٽري جي غير موجودگي ۾ ٻئي اسپيشل سيڪريٽريز اليڪشن ڪميشن جو ڪم بهتر طريقي سان هلائي رهيا آهن.