چونڊن ۾ باقي 3 ڏينهن: بيلٽ پيپرز پهچائڻ جو عمل اڄ مڪمل ٿي ويندو، ووٽ وجهڻ لاءِ اصل سڃاڻپ ڪارڊ لازمي هوندو: اليڪشن ڪميشن

فيبروري 5, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چونڊن ۾ باقي 3 ڏينهن رهجي ويا آهن جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته بيلٽ پيپرز سموري ملڪ ۾ پهچائڻ جو عمل اڄ مڪمل ٿي ويندو
اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته ووٽ وجهڻ وقت اصل سڃاڻپ ڪارڊ لازمي آهي، مُدي خارج سڃاڻپ ڪارڊ تي به ووٽ ڪاسٽ ٿي سگهندو
اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري رٽائرڊ ڪرنل سعد موجب اليڪشن مئنيجمنٽ سسٽم تي پرزائيڊنگ آفيسر کي رڳو فارم جي تصوير ڪڍي موڪلڻي آهي، چونڊن لاءِ اِن کان وڌيڪ سولو سسٽم نٿو ٿي سگهي،
هن چيو ته اِن بابت حتمي طور نٿو ٻڌائي سگهجي ته پولنگ جا نتيجا ڪيستائين ايندا، آر اوز کي سيٽلائيٽ ڪنيڪشنز مهيا ڪيا آهن، نتيجا پهچائڻ ۾ ڪو مسئلو ٿيو ته پرزائيڊنگ آفيسر ذاتي طور آر اوز تائين نتيجا پهچائيندو
ٻئي طرف بلوچستان ۾ حساس پولنگ بوٿس تي انٽرنيٽ سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊي سي ڪوئيٽا اُميدوارن کي غيرضروري طور عوامي اجتماع نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي

Leave A Comment