چونڊن ۾ بدترين شڪست کائيندڙ مخالف پ پ تي تنقيد ڪندا آهن: شرجيل ميمڻ

سکر/شڪارپور (نمائندن وٽان) شڪارپور ۾ پيپلز بس سروس جو افتتاح، سکر ۾ پنڪ اسڪوٽيز  ورهايون ويون،  شڪارپور کان سکر، روهڙي ۽ خيرپور تائين پيپلز بس سروس جي باقاعده شروعات ڪئي وئي، جنهن جي افتتاحي تقريب شڪارپور ۾ منعقد ٿي، تقريب ۾ ايم اين اي خورشيد شاھ، صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ ۽ انرجي ناصر شاهه، ٽرانسپورٽ وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايم پي اي امداد پتافي، صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو، ايم اين اي شهريار مهر، ايم پي اي امتياز شيخ، پيپلز پارٽي ضلعي صدر عابد ڀيو سميت ٻين اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شڪارپور ۾ پيپلز بس سروس شروع ٿيڻ سان عوام کي محفوظ، سستي ۽ بهتر سفري سهولت فراهم ٿيندي، هن چيو ته شروعاتي مرحلي ۾ شڪارپور کان سکر، روهڙي ۽ خيرپور تائين روٽ تي 6 بسون هلنديون، هن وڌيڪ چيو ته پيپلز بس سروس ۾ هر مسافر جي ڀاڙي جو اڌ حصو سنڌ حڪومت ادا ڪندي ته جيئن عام ماڻهن کي سستي سفري سهولت ملي سگهي، سندس چوڻ هو ته امتياز شيخ، شهريار مهر، عارف خان مهر ۽ آغا سراج دراني شڪارپور ۾ بس سروس شروع ڪرائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪندا رهيا آهن، شرجيل ميمڻ چيو ته ڪجهه مخالف ڌر جا ماڻهو جيڪي چونڊن ۾ بدترين شڪست کائيندا آهن اهي پوءِ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندا آهن جڏهن ته حقيقت ۾ سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن، سنڌ حڪومت پاران ٺهيل صوبائي ۽ اين ايچ اي جا روڊ بهتر معيار جا آهن ۽ صوبي جون اسپتالون به ملڪ جي بهترين اسپتالن ۾ شامل آهن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته عالمي حالتن ۽ جنگ سبب تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت موٽر سائيڪل استعمال ڪندڙن لاءِ هر مهيني ٻه هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.هن ٻڌايو ته 25 ايڪڙ کان گهٽ زمين رکندڙ هارين لاءِ هاري ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، جن ذريعي کين ٻج، ڀاڻ ۽ مالي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ ٽن هزار کان وڌيڪ هارين جي اڪائونٽن ۾ رقم به منتقل ڪئي وئي آهي ٻي طرف  سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي طرفان سکر جي عورتن ۾ مفت پنڪ اسڪوٽي ورهائڻ جي تقريب مقامي هوٽل جي هال ۾ منعقد ٿي، تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ ، امداد پتافي، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، محمد قاسم سراج، چئيرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه، ايم پي اي سيد فرخ شاهه، ايم اين اي ڊاڪٽر شازيه سومرو، سيد جاويد علي شاهه، ڊاڪٽر ارشد مغل، تقي خان ڌاريجو، بابل خان ڀيو، محمد قاسم سراج، ايم ڊي ماس ٽرانزٽ ڪنول ناظم ڀٽو، ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي، ڊپٽي ڪمشنر نادر شهزاد خان، وومين يونيورسٽي، اروڙ يونيورسٽي، سکر آءِ بي اي سميت ٻين تعليمي ادارن جي وائس ڇانسلرز ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ، آفيسر ۽ معزز شهري شريڪ ٿيا..تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، خاص طور تي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ويزن تحت عوام جي خدمت ڪري رهي آهي.هن چيو ته عورتن جي بااختياري لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪم پاڪستان پيپلز پارٽي ڪيو آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عورتن کي مفت اي وي اسڪوٽيون ڏئي رهي آهي. اسڪوٽي سان گڏ هيلمٽ، ڊرائيونگ لائسنس ۽ ٽريننگ به مفت ڏني پئي وڃي. ڪنهن به قسم جي سفارش جي ضرورت ناهي، صرف ميرٽ تي اسڪوٽيون ڏنيون وڃن ٿيون . ايم اين اي خورشيد شاهه خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته عورتون به پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن عورتن کي هدايت ڪئي ته اهي اسڪوٽيون پاڻ استعمال ڪن ۽ ڪنهن ٻئي کي نه ڏين. صوبا.ئي وزير سيد ناصر حسين شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ترقي، ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.