اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ايندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ دير جا سمورا در بند ڪري ڇڏيا. جسٽس سردار طارق جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪوئيٽا جي ٻن صوبائي سيٽن تي تڪبندين خلاف اپيل تي حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ تڪبندين تي اعتراض نٿو ڪري سگهجي
واضح رهي ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪيل تڪبندي تبديل ڪئي هئي،
سپريم ڪورٽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي
وقتي چيف جسٽس، جسٽس سردار طارق مسعود رمارڪس ڏنا ته چونڊون ٿيڻ ڏيو، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سڀ ڇو چونڊن ۾ دير چاهين ٿا؟
جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن هن درخواست تي فيصلو ڏنو ته سپريم ڪورٽ ۾ درخواستن جو سمنڊ اٿلي پوندو، چونڊ شيڊول جاري ٿي وڃي ته سڀ ڪجهه رڪجي ويندو آهي، اليڪشن ڪميشن جو وڏو امتحان آهي ته 8 فيبروري تي شفاف چونڊون ڪرائي، جيڪو اختيار قانون اليڪشن ڪميشن کي ڏنو اهو هاءِ ڪورٽ ڪيئن استعمال ڪري سگهي ٿي
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻ بعد تڪبندين بابت سمورا ڪيس غير موثر ٿي چڪا آهن، ڪنهن هڪ شخص کي رليف ڏيڻ لاءِ پوري چونڊ عمل کي متاثر نٿو ڪري سگهجي
واضح رهي ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ صوبي جي ٻن صوبائي سيٽن تي اليڪشن ڪميشن جي تڪبندين کي تبديل ڪيو هو جنهن خلاف اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو