ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) اتحادي حڪومت پاران وقت کان اڳ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ تي مشاورت شروع ٿي وئي آهي، ملاقاتن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي
گذريل رات مولانا فضل الرحمان ۽ پ پ وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون هيون، اهڙين ملاقاتن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي
نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ نيوز موجب اتحادي حڪومت وقت کان اڳ قومي اسيمبلي تحليل ڪرڻ تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم سان فضل الرحمان ۽ پ پ وفد جي ملاقات ۾ به اهڙي معاملي تي غور ڪيو ويو
عام چونڊن جي حوالي سان مشاورت جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ذريعن موجب نومبر ۾ چونڊن لاءِ 9 يا 10 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ تي مشورو ڪيو ويو
قومي اسيمبلي جي آئيني مدت 13 آگسٽ 2023ع تي مڪمل ٿيندي، مدت پوري ٿيڻ جي صورت ۾ 60 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي
وقت کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ جي صورت ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون پونديون، حڪومت نومبر جي پهرين هفتي ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي
90 ڏينهن جي آپشن جي صورت ۾ چونڊون نومبر ۾ ٿينديون، جنهن ڪري اتحادي پارٽين کي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ 90 ڏينهن ملندا
حتمي فيصلي لاءِ اتحادين جو اجلاس عيد کانپوءِ ٿيندو، وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ هفتي لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪندو