چونڊن ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي: ڪي پي جو وڏو وزير ٻيهر طلب

چونڊن ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي: ڪي پي جو وڏو وزير ٻيهر طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ عبوري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.  وزير اعليٰ طرفان علي بخاري پيش ٿيو ۽ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ کان استثنا جي درخواست ڏني. اليڪشن ڪميشن سهيل خان آفريدي جي پيش نه ٿيڻ بابت درخواست منظور ڪري ورتي. وڏي وزير کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.