چونڊن ۾ پرامن رهنداسين: پي ٽي آءِ پاران سپريم ڪورٽ کي خاطري

اپريل 1, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ کي چونڊن دوران پرامن رهڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. تحريڪ انصاف طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل لکت خاطري ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ خلاف حڪومتي ڏاڍ جاري آهي پر جمهوريت جي بقا لاءِ عدالت کي خاطري ڪرائي رهيا آهيون. لکت خاطري ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سموريون سياسي جماعتون چونڊ مهم ۽ پولنگ واري ڏينهن پرامن رهن ته اسان به پرامن رهنداسين، جيڪڏهن چونڊن ۾ ڪا ڪرپٽ پريڪٽس نه ٿي ته تحريڪ انصاف پرامن رهندي. تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل لکت خاطري ۾ چيو آهي ته رڳو انهن جاين تي جلسا ۽ ريليون ڪڍنداسين، جتي سيڪيورٽي جي خاطري هوندي.