لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چونڊن ۾ کٽي آيل آزاد ميمبر حڪومت ٺاهڻ چاهين ٿا ته اڪثريت ثابت ڪن، آزاد ميمبر اڪثريت ثابت ڪندا ته اپوزيشن ۾ ويهي رهنداسين
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس، شهباز شريف چيو ته آزاد اميدوار اڪثريت ثابت نه ٿا ڪري سگهن ته ٻين جماعتن کي حڪومت ٺاهڻ جو حق آهي
سندس چوڻ هو ته اسان کي 2018 ۾ جعلي اليڪشن ذريعي هارايو ويو، اسان ڪا به ڀڃ ڊاهه نه ڪئي، چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿيون ته پوءِ اسان جا وڏا وڏا اڳواڻ ڪيئن هارائي ويا
هن چيو ته هر اليڪشن ۾ ڌانڌلين جا الزام لڳندا آهن هن وقت ملڪ جنهن صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي بهتر اهوئي آهي ته جمهوريت کي هلڻ ڏنو وڃي
شهباز شريف چيو ته آئين جي پڻ اها ئي گهرج آهي ته جنهن وٽ نمبر وڌيڪ هجن انکي ئي حڪومت ٺاهڻ ڏني وڃي، قومي مفاد ۾ سڀني کي اڳتي اچڻ گهرجي
هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ترقي ڪري ۽ موجودا معاشي صورتحال ۾ سڀني جي ذميواري آهي ته ڪوبه اهڙو عمل نه ڪيو وڃي جنهن سان ملڪي مفادن کي ڇيهو رسي