چونڊون: داخلي دٻاءُ يا پرڏيھي پريشر؟
ڊسمبر 11, 2023
پاڪستان 2024ع وارين چونڊن طرف ائين وڌي رھيو آھي، جيئن انگلينڊ جي جڳ مشھور شاعر شيڪسپيئر جي ناٽڪ “جيئن توکي وڻي” جو اھو ٻار، جيڪو انسان جي عمر جا ٻيا اسٽيج بيان ڪندي، اسڪول طرف وڃي رھيو آھي. جنھن جي باري ۾ ھن لکيو ھو:
He creeps like snail, goes unwillingly to School
يعني ھو جيت وانگر چري رھيو آھي ۽ دلي چاھت سان اسڪول نه پيو وڃي.
ڪجھ اھڙو حال آھي، اسان جي ايندڙ چونڊن جو! بيواھ عورت جي شاديءَ جو به اھڙو حال نه ھوندو آھي، جھڙو ھن مھل ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان ٿيندو نظر اچي رھيو آھي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي چونڊ مھم ھلائڻ جي سلسلي ۾ سڀ کان اڳري آھي. ھن ابتدا ۾ پھاڙي پاڇن جو انتخاب ڪيو آھي. ممڪن آھي ته ھن کي اھا اميد ھجي ته جيڪو لڏو تحريڪ انصاف کان ٽُٽو آھي، بلڪه ٽوڙيو ويو، ان کي پاڻ سان جوڙي سگھجي ۽ ھن وقت جڏھن عوام تائين به اھو پيغام پھتل آھي ته اسٽيبلشمينٽ کي عوام ۽ تحريڪ انصاف جو رشتو قبول ناھي، اھڙي ماحول ۾ پيپلز پارٽي “چانس” حاصل ڪرڻ لاءِ چترال کان دير تائين مشڪل مسافريون ڪري رھي آھي. جڏھن ته مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف کي پنھنجي پيرن ھيٺان وڇايل ڳاڙھو قالين به ايستائين قبول نه ٿو پوي، جيستائين ھن سان اھو واعدو نه ڪيو وڃي ته ھن جي مخالفن کي عبرت جو نشان بڻايو ويندو.
ميان نواز شريف ھڪ طرف سنڌ کان وٺي بلوچستان ۽ بلوچستان کان وٺي واپس پنجاب تائين وڏو مئنڊيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا سياسي حلقا پاڻ سان جوڙي رھيو آھي ۽ ھن پنھنجي اليڪشني سفر ۾ پنھنجي ھر موسم جي ساٿي مولانا فضل الرحمان کي ته کنيو ئي کنيو آھي پر ھن ان آءِ پي پي کان پري ٿيڻ قبول نه ڪيو آھي، جنھن جي جوڙجڪ ھاڻي ھاڻي ٿي آھي ۽ چيو وڃي پيو ته ان جي تياري تي ميان نواز شريف ڪنھن به طرح سان خوش نه ھو. ھن کي تمام گھڻي تڪليف محسوس ٿي رھي آھي ۽ ھن جو خيال ھو ته ھڪ ڀيرو ٻيھر ھن سان ٻٽي گيم ڪئي پئي وڃي. پر ھو پوءِ به پنھنجي ٽارگيٽ طرف روان دوان آھي. جڏھن ته ھن جي چونڊ مھم ۾ اھو جوش خروش ناھي، جيڪو ھن کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ھر صورت ۾ کپي پر اھو ڪنھن به صورت پيدا ٿيڻ جو نالو نه ٿو وٺي، ڇو ته ملڪ ۾ بظاھر ۽ قانوني طور تي سياسي آزادي ھجڻ جي باوجود به ماحول اھڙو آھي جو سياسي تحرڪ ملول پڻي جو شڪار ٿي ويو آھي.
پاڪستان ھن مھل جنھن سياسي ڪيفيت ۾ مبتلا نظر اچي پيو، ان لاءِ “سياسي بحران” جو پراڻو محاورو ڪتب نه آڻجي ته به ان “سياسي ڊپريشن” کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگھجي، جنھن جي پيش نظر عوام کي اٿارڻ جي چونڊ مھم جي جلسن ۾ عوام جي ٿورائيءَ مٿان “ورڪرز ڪنوينشن” جو پردو وڌو وڃي ٿو. جڏھن ته ھر ڪنھن کي معلوم آھي ته پنجاب جي ميدانن يا پھاڙن جي آس پاس جيڪي به ميڙ ڪٺا ٿي رھيا آھن، انھن لاءِ ابتدا ۾ “ورڪرز ڪنوينشن” جو لفظ ڪتب آندو پيو وڃي، ڇو ته ھن ميڊيائي دور ۾ ماڻھن جو ايترو ننڍڙو تعداد موجود ھجڻ لاءِ پنھنجي پاپولر نه ھجڻ کان سواءِ ٻيو ڪھڙو سبب بيان ڪري سگھجي ٿو؟ ھونءَ به پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جتي به پنھنجا چونڊ مھم وارا خيما کوڙين ٿا، اتي صرف اتان جي ٿورو گھڻو سياسي اثر رکندڙ شخصيتن جي ڪوششن سان ڪٺا ٿيل ماڻھن جو منظر پيش ٿي رھيو آھي. ائين ناھي ته انھن چونڊ مھم وارن پروگرامن ۾ عوام جو ھڪ وڏو انگ اچڻ جي لاءِ بيتاب آھي پر انھن کي اھو چئي روڪيو وڃي ٿو ته “ھي عوامي جلسو نه پر ورڪرز ڪنوينشن آھي”، جڏھن ته ان حقيقت کي مسترد ڪرڻ ممڪن ناھي ته پي ٽي آءِ يعني تحريڪ انصاف جي جن ورڪرز ڪنويشنس رڪاوٽون عبور ڪري ۽ پٿرن سان روڪيل روڊ ڇڏي ڪچن پيچرن مان پنڌ ڪري پھتل ماڻھن جا ڳاھٽ نه صرف جلسي گاھن پر ان جي آس پاس گھرن ۽ دڪانن جي ڇتين تي به نظر اچن ٿا. اھوئي سبب آھي ته پنھنجي الڳ پارٽي ٺاھڻ ۽ پنھنجي اڳوڻي اڳواڻ مٿان سخت تنقيد ڪرڻ جي باوجود به پرويز خٽڪ ميڊيا تي اھا سچائي مڃڻ کان منھن موڙي نه ٿو سگھي ته پي ٽي آءِ ھن مھل به پوري ڪي پي ڪي جي سڀ کان مقبول پارٽي آھي.
ھڪ طرف تحريڪ انصاف جي ٽائرن مان ھوا ڪڍڻ ۽ ٻي طرف مسلم ليگ (ن) جي پراڻي ۽ پنڪچر ٿيل ٽائر ۾ ڀرپور ھوا ڀرڻ جي ڪوشش سان گڏ اھو به نظر اچي رھيو آھي ته استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ پي ٽي آءِ (پارليامينٽ) جھڙين ننڍين گاڏين وارن ڦيٿن کي ڦوڪي ڦوڪي ڦاڙي نه سگھجي ٿو پر موٽرسائيڪل يا رڪشا جي ٽائرن کي ٽرڪ يا ٽريڪٽر جي ٽائرن ۾ تبديل ڪري نه ٿو سگھجي. ان صورت ۾ پاڪستان اندر اھو ڪجھ ٿي رھيو آھي، جيڪو ڪجھ ان حالت ۾ ٿيندو آھي، جنھن حالت ۾ جيڪو ڪجھ ٿي سگھي، ان کي ٿيڻ نه ڏجي ۽ جيڪو ڪجھ ٿيڻ ممڪن ناھي، ان جي ٿيڻ تي پورو زور لڳايو وڃي.
پاڪستان جي موجوده صورتحال ۾ اھو صاف نظر اچي رھيو آھي ته ملڪ چونڊن جي طرف جمھوري آزاديءَ واري خودڪار نظام سان نه پيو وڌي پر جھڙي طرح ھڪ کريل گاڏيءَ کي ڌڪي مناسب ھنڌ تائين پھچائڻ لاءِ پگھر وھائبا آھن، تھڙي طرح ملڪ کي انھن پولنگ اسٽيشنن تائين رسائڻ جي لاءِ ٽٽل دل ۽ ٿڪل ھٿن سان ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ملڪ جي ماڻھن ۽ ماحول ۾ اھڙي بدلي ۽ بيزاريءَ يا بحران جو سبب ان کان سواءِ ٻيو ڪجھ ناھي ته رياست مٿين سطح تي اھي چونڊون نه ٿي چاھي، جن چونڊن جا نتيجا انھن جي مرضين ۽ مفادن مطابق نه ھجن. پر پوءِ به اليڪشن جي اڀري لڏ پنھنجي منزل تي پھچائڻ لاءِ پلاڻجي رھي آھي. ڇا اھڙي مجبور سفر جو سبب ملڪ جون اھي سياسي پارٽيون آھن، جن مان ھڪ کي ڇڏي باقي پارٽين کي اھا شڪايت آھي ته انھن کي ساڳي “ليول پليئنگ فيلڊ” نه پئي ملي. جيتوڻيڪ ھن ملڪ جي سياسي وايومنڊل ۾ سڀ کان اڳ ۾ مٿين محاوري جو استعمال پيپلز پارٽيءَ پاران ڪيو ويو ھو پر ھاڻي انھن لفظن جو سڀ کان وڌيڪ استعمال اھا پارٽي ڪري رھي آھي، جنھن جو اسير اڳواڻ سدائين سياست جي ريتن ۽ رمزن کي ڪرڪيٽ جي محاورن ۾ بيان ڪرڻ جو عادي ھوندو ھو. ھو جيڪو ھن مھل به “آخري بال” تائين کيڏڻ جي ضد تي اڙجي اڍيالا جيل ۾ ويٺو آھي، ان جي پوري پارٽيءَ کي اھو اعتراض آھي ته سندن قيدي ڪپتان جي ٽيم کي مقابلي جو ساڳيو ميدان ڏيڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ڪيون پيون وڃن.
ھڪ طرف ماڻھن کي سياسي سرگرمي ڏيکارڻ ۽ ووٽ وجھڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھمٿايو پيو وڃي ۽ ٻي طرف اھو تاثر به عام جام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏھن نتيجن جي حوالي سان چونڊن جي صورتحال اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ مطابق وجود ۾ نه آئي ته پوءِ چونڊون ملتوي به ٿي سگھن ٿيون. جيتوڻيڪ پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت يعني سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس صاف لفظ ۾ اھا ھدايت نه پر اھو حڪم جاري ڪيو آھي ته چونڊون ملتوي ٿيڻ جي ڳالھ نه ٿيڻ گھرجي. پر پوءِ به ھِتان ھُتان ان قسم جا افواھ پيدا ڪيا پيا وڃن. جيتوڻيڪ ھن وقت اليڪشن جي التوا ممڪن نظر نه ٿي اچي ۽ اھو ان لاءِ نه ته نگران حڪومت جي وفاقي وزير اھو اطلاع ڏنو آھي پر جڏھن ناڻي واري وزارت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آھن ۽ اليڪشن جي مڪمل شيڊيول جي پڌرائي پوئين مرحلي ۾ آھي ته ان وقت چونڊن جي تاريخ پوئتي ڌڪڻ جو ناممڪن حد تائين مشڪل محسوس ٿئي ٿو پر فرض ڪجي ته جيڪڏھن اھو ناممڪن، ڪنھن به سبب جي ڪري ممڪن بڻجي ٿو، معنيٰ چونڊن جي تاريخ کي ٿورو گھڻو پوئتي ڪجي ٿو ته ڇا ان جي ردعمل ۾ ملڪ جون سياسي پارٽيون ڀرپور احتجاج سان اڀري اينديون؟
ملڪ ۾ سياسي مونجھاري جو سموگ ڪيترو به شديد ڇو نه ھجي پر اھا سچائي پوءِ به آسانيءَ سان نظر اچي سگھي ٿي ته ملڪ ۾ موجود سياسي پارٽيون چون ڀلي ڪجھ به پر دلي طور تي ھو ٻن مھينن کان پوءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڀرپور طرح سان حصو وٺڻ جي لاءِ پاڻ کي تيار محسوس نه پيون ڪن. وقت تي چونڊون ڪرائڻ جو تازو مطالبو ڀلي پيپلز پارٽيءَ جو ھجي پر اھا گھر پي ٽي آءِ جي پراڻي آھي. جڏھن ته ھن مھل به گرفتارين، روپوشين، ڇاپن ۽ سخت رڪاوٽن سبب پنھنجي پوري پارٽيءَ جو مڪينزم تالان والان ڏسي تحريڪ انصاف به اليڪشن ۾ حصو وٺندي فٽ ھجڻ واري فرحت محسوس نه ڪري رھي آھي. جڏھن ته نواز شريف کي به صوبي مان خان جو ڀوت ڀڄائڻ جي لاءِ وقت گھرجي. پر پاڪستان ۾ جيڪڏھن چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عدليا کان سواءِ جيڪا قوت سڀ کان وڌيڪ سخت ردعمل جو مظاھرو ڪندي، اھا پرڏيھ جي پاليسي ھوندي. اھا پرڏيھي پاليسي، جنھن جي بظاھر نمائندگي آمريڪا جا اھي نمائندا ڪري رھيا آھن، جيڪي آن دي رڪارڊ پاڪستان جي سمورين مضبوط ۽ مشھور پارٽين جي قيادتن سان ملاقاتون ڪري چڪا آھن پر انھن مٿان اھو الزام به آھي ته انھن مبينا طور تي قيدي ڪپتان سان به ڪا آف دي رڪارڊ ملاقات ڪئي آھي. پر ھن وقت اھم ملاقاتون نه پر اھي چونڊون آھن، جيڪي اعلانيل وقت تي ھر حال ۾ ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ملڪ جون سياسي پارٽيون ڀلي پوري طرح سان تيار نه ھجن، تڏھن به پاڪستان جي سياست ۽ رياست کي اھميت ڏيندڙ پرڏيھي قوتون انھن چونڊن جو انعقاد پوري وقت تي ڏسڻ چاھين ٿيون. ان سلسلي ۾ ھڪ ٿيوري اھا به پيش ٿي رھي آھي ته پاڪستان کي قرض جي اڳين قسط جنوريءَ ۾ جاري ڪرڻ وارو آءِ ايم ايف جو اعلان به مٿي بيان ڪيل دٻاءَ واري حڪمت عمليءَ جو ھڪ حصو آھي.
شيڪسپيئر عظمتن جا ٽي قسم بيان ڪيا آھن. ھڪ ڄائي ڄم واري عظمت، ٻي محنت واري عظمت ۽ ٽين مسلط ٿيل عزت! شيڪسپيئر جيڪڏھن انگلينڊ بدران پاڪستان ۾ پيدا ٿئي ھا ته ھو شادين جا به ٽي قسم بيان ڪري ھا. ھڪ پيار جو پرڻو. ٻيون ارينجڊ ميرج وارو قسم ۽ ٽيون زور جي مينديءَ واري شادي! پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون ڪھڙي نوعيت جون آھن؟ مٿين مثالن مان ڪنھن به ھڪ جي چونڊ ڪرڻ ايتري مشڪل ته ناھي!!