“چونڊون ملتوي ٿيون ته ڪهڙو آسمان ڪري پوندو” فضل الرحمان سينيٽ ٺهراءَ جي حمايت ڪري ڇڏي
جنوري 8, 2024
اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ماحول جي بهتري لاءِ جيڪڏهن چونڊون ملتوي ٿي وڃن ته آسمان نه ڪِري پوندو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته چونڊن جو ماحول ناهي، اسان جلسن ۾ نٿا وڃي سگهون، اسان جي جلسن ۾ شرڪت تي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، سينيٽ جو ٺهراءُ اسان جي موقف جي تائيد آهي.
هن چيو ته ماحول کي اهڙو بڻايو وڃي ته اسان ووٽر وٽ وڃي سگهون، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن جو ماحول ناهي پر جيڪڏهن هر صورت ۾ چونڊون مڙهيون ويون ته اسان حصو وٺنداسين، اسان چونڊن کان ڀڄڻ وارا ناهيون.