اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ)ايندڙ عام چونڊون نئين آدمشماري تحت ٿينديون يا پراڻي آدمشماري تي ڪرائڻيون آهن بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ اڄ سي سي جو اجلاس گهرايو ويو آهي
نئين ڊجيٽل آدم شماري جي منظوري لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پنجاب ۽ ڪي پي جي نگران وڏن وزيرن سوڌو سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا ميمبر شرڪت ڪندا
اجلاس ۾ عام چونڊن لاءِ ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن جي منظوري ڏني ويندي، نئين آدمشماري جي منظوري سان عام چونڊون 6 مهينا دير سان ٿيڻ جا خدشا وڌي ويا
وزيراعظم چيو هو ته عام چونڊون نئين آدمشماري تحت ڪرائڻ گهرجن جيڪڏهن اڄوڪي اجلاس ۾ نئين آدمشماري جي منظوري ڏني وئي ته پوءِ اليڪشن ڪميشن ان تحت نيون تڪ بنديون ڪرائيندي
ٽائيم نيوز جي پروگرام ٽائيم لائين ۾ ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو آهي ته نئين آدمشماري جو گزيٽ نوٽيفڪيشن اچڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن قانوني طور نئين سر تڪبنديون ڪرائڻ جي پابند هوندي، اُن لاءِ اي سي پي کي 6 مهينن جو مُدو گهربل هوندو
ٻئي طرف سينيئر قانوندان بئريسٽر ضمير گهمرو جون ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سي سي آءِ مان آدمشماري جي منظوري بعد صوبن جي سيٽن وارو مسئلو وڌي ويندو، سيٽن لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي هوندي آهي، پر ترميم لاءِ نه پارليامينٽ هوندي ۽ نه ئي وري حڪومت وٽ اڪثريت آهي
سندس چوڻ هو ته سي سي آءِ ۾ نگران وڏا وزير به ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهن ٿا، سنڌ جي اعتراضن باوجود ٻين صوبن آدمشماري جي حمايت ڪئي ته سي سي آءِ منظوري ڏئي ڇڏيندي
هن وڌيڪ چيو ته وڏي وزير کي سي سي آءِ جي فيصلن خلاف گڏيل پارليامينٽ ۾ ئي وڃڻو پوندو، ٻيو ڪٿي به اُن کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي