چونڊون نئين آدمشماري تحت ڪرائڻ جو اعلان: آءِ ايم ايف معاهدي تحت عوام کي سبسڊي نٿا ڏئي سگھون: وزيراعظم

آگسٽ 1, 2023

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چونڊون نئين آدمشماري تحت ئي ٿينديون، چونڊن ۾ دير جو ڪو جواز ڪونهي

 نئين آدمشماري ٿي چڪي آهي ته پوءِ چونڊون به ان ئي آدمشماري تحت ئي ٿيڻ گھرجن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اها چونڊون ڪرائي

 خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آدمشماري جا نتيجا مڪمل ٿيڻ تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي اماڻيا ويندا

 اسان کي نئين آدمشماري تحت ئي چونڊن ۾ وڃڻو آهي. هن چيو ته تڪبنديون ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي

هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چيو وڃي ٿو ته اتحادي حڪومت نٿي هلي سگهي پر اتحادي حڪومت ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن

 مشاورت سان مسئلن جو حل ڪڍنداسين، هن چيو ته اسان گار گند جي سياست جو دور اچڻ نه ڏينداسين، جن پوکيو آهي اهي لڻندا به ضرور

 هن چيو ته 60ع ۽ 70ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن غلطي ٿيندي هئي ته معافي وٺي ڇڏيندا هئاسين.  هن چيو ته ڪير پڇي ئي نٿو ته 15 مهينن ۾ اسان تي ڇا گذريو؟ مون تي ان دوران جيڪو ڪجھه گذريو اهو بيان نٿو ڪري سگهان

 هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي دور ۾ معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. اڳوڻي حڪومت چين کي نااراض ڪيو، بي دردي سان چين سان لاڳاپا خراب ڪيا ويا. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين دوست بڻجي دشمنن وارو ڪم ڪيو

Leave A Comment