چونڊون وقت تي ٿينديون، سنڌ جي مالي حالت خراب آهي، ننڍن ڪمن لاءِ صنعتڪار مدد ڪن: مقبول باقر

نومبر 29, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڪوهسار ۾ قائم اسٽيوٽا جي فارنزڪ آڊٽ ۽ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد، اين اي ڊي يونيورسٽي جي ايڪسپرٽ ۽ فنانس جي ماهر کي جاچ جو حڪم ڏنو. وڏو وزير ٻن ڏينهن جي دوري تي حيدرآباد پهتو ۽ لطيف آباد ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد هن ڪوهسار واري علائقي ۾ قائم مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪيو. ٻارن جي حاضري گهٽ هئڻ تي پرنسيپل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسٽيوٽا انسٽيٽيوٽ هلائڻ ۾ ناڪام ويو آهي جنهن ڪري معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي. وڏي وزير انسٽيٽيوٽ جي وڊورڪ، پلمبنگ، ويلڊنگ ۽ ليٿ مشين ورڪشاپ جي دوري دوران صورتحال خراب ڏسي پرنسيپل جيئند علي ڪونڌر کان سوال ڪيا پر هو وڏي وزير کي ڪو جواب نه ڏئي سگهيو جنهن تي وڏي وزير چيو ته انسٽيٽيوٽ جي پرنسيپل کي مڪينيڪل ٽيڪنالاجي بابت ڄاڻ ناهي ته هو ٻارن کي ڇا سيکاريندا هوندا. وڏي وزير حڪم ڏنو ته ريجنل ڊائريڪٽر کي گهرايو وڃي جنهن جي پهچڻ تي انسٽيٽيوٽ جي انسپيڪشن نه ڪرائڻ تي مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انسٽيٽيوٽ جي ڪنهن به ورڪشاپ ۾ ڪم ڪرڻ جا آثار ئي نظر نٿا اچن ان لاءِ اسين قوم جا ڏوهاري آهيون ڇاڪاڻ ته نه ئي ٻار اسڪول اچن ٿا ۽ نه وري کين ڪو پڙهائڻ توڙي هنري سکيا ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن بدين بس اسٽينڊ جو دورو ڪيو. وڏي وزير بس اسٽينڊ تي حددخليون نه هٽائڻ ۽ صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر نه ڪرڻ تي ڪمشنر توڙي ايچ ايم سي جي انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين هدايت ڪئي ته فوري طور تي حددخليون هٽائي بس اٽينڊ تي صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر ڪرڻ سان گڏ مسافرن کي واش روم، پيئڻ جي پاڻي ۽ انتظار گاهه سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪري کيس 10 ڏينهن ۾ رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. سنڌ جي مالي صورتحال خراب آهي صنعتڪار اسٽريٽ لائٽ ۽ گرين بيلٽ لاءِ مالي مدد ڪن. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران ڏنل آجياڻي ۽ بار کي خطاب دوران وڏي وزير چيو ته آئين خلاف جڏهن به سازشون ٿيون آهن وڪيلن جدوجهد ڪئي آهي حيدرآباد بار لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور ڪئي آهي ۽ اها رقم لائبريري لاءِ ڪتاب ۽ ٻيون شيون توڙي آڊيٽوريم هال جي تعمير تي رقم خرچ ٿيندي.ٻئي طرف شهباز بلڊنگ ۾ مختلف کاتن جي  اجلاس کي خطاب ڪندي مقبول باقر چيو ته ماضي ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين سبب سنڌ جي مالي صورتحال خراب ٿي آهي ان ڪري سمورا اسٽيڪ هولڊرز مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ته ڪافي حد تائين معاملا بهتر ٿي ويندا. هن چيو ته واسا کي هر هفتي انسپيڪشن ڪرڻ گهرجي ته جيئن شهر ۾ پاڻي جي نيڪاسي ۽ فراهمي سان گڏ صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر ٿي سگهن. وڏي وزير چيو ته انڊسٽريز جا مالڪ پنهنجن علائقن ۾ اسٽريٽ لائيٽس ۽ گرين بيلٽس جهڙا ننڍا ننڍا ڪم ڪرڻ لاءِ مالي معاونت ڪن ته سندن مسئلا حل ٿي ويندا. وڏي وزير اجلاس ۾ شڪايتون ڪندڙ ماڻهن کي چيو ته هو کيس لکت ۾ درخواستون اماڻين ۽ جيڪڏهن ايندڙ اجلاس تائين مسئلا حل نه ٿيا ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪندس. ان کان اڳ اجلاس ۾ حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽريز جي صدر فاروق شيخاڻي ٻڌايو ته سندن انفراسٽرڪچر جي مسئلن سان گڏ واسا ۽ آٽو ڀان روڊ تي نيڪاسي آب جهڙا مسئلا سامهون آهن.

سول اسپتال آمد جا اطلاع، انتظاميا ۾ ٿرٿلو، تيماردار رلي ويا

حيدرآباد: سول اسپتال حيدرآباد توڙي مختلف کاتن ۾ وڏي وزير جي امڪاني آمد جو ٻڌي سڄو ڏينهن مريضن توڙي تيماردارن کي پريشان ڪيو ويو جڏهن ته مختلف کاتن ۾ ڪم ڪار لاءِ آيل ماڻهن کي به سڄو ڏينهن آفيسن ٻاهران انتظار ڪرايو ويو.

حيدرآباد ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڪليئرنس ڏني

حيدرآباد:  وڏو وزير حيدرآباد جي دوري تي ايئرپورٽ پهتو جتي ڪمشنر حيدرآباد سيد خالد حيدر شاهه، ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر طارق قريشي، ايس ايس پي امجد احمد شيخ ۽ ٻين عملدارن سندس آجيان ڪئي. وڏي وزير جي حيدرآباد آمد ۽ موجودگي کانپوءِ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا جڏهن ته سندس دوري وارن هنڌن تي بم ڊسپوزل اسڪوارڊ کان ڪليئرنس وٺي بعد ۾ کيس ڇڏيو ويو.

حيدرآباد لاءِ فنڊ نه ملڻ جي دانهن: واسا تي گندو پاڻي ڏيڻ جو الزام

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن سيد خالد حيدر شاهه سنڌ جي نگران وڏي وزير کي ترقياتي اسڪيمن بابت بريفنگ ۾ چيو ته صوبائي اي ڊي پي ۾ 82 ارب مان کين 34 ارب جاري ڪيا ويا. ڊويزن ۾ 291 روڊ جي اسڪيمن تي 6.5 بلين رپيا خرچ ٿيا آهن. بلڊنگس شعبي ۾ 245 اسڪيمون آهن جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ پبلڪ هيلٿ جون 474 اسڪيمون، تعليم کاتي جون 248 اسڪيمون جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ آبپاشي کاتي جون به 95 اسڪيمون شامل آهن جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي لاءِ 8.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. خرچ جو ڪاٿو 1.5 بلين رپيا آهي. فليگ شپ اسڪيمن بابت بريفنگ ڏيندي ڪمشنر چيو ته 16 ڪلوميٽر آٽو ڀان روڊ لاءِ 500 ملين مختص ڪيا ويا آهن. ٽئي مرحلي ۾ قاسم آباد جو ماسٽر پلان جنهن جو مقصد پورو ناهي ٿيو. وڏي وزير ڪمشنر حيدرآباد کي قاسم آباد ماسٽر پلان جي باري ۾ ڪنسلٽنٽ ۽ پي اينڊ ڊي سان صلاح وٺڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪمشنر چيو ته حيدرآباد ۾ ڪو به ٽريٽمنٽ پلانٽ فعال ناهي. واسا طرفان غير معياري پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ واسا جون تعمير ڪيل اسڪيمون، حسين آباد جي ٽريٽمنٽ پلانٽ ۽ گهڻو ڪري فلٽر پلانٽس پاڻي ئي فراهم نٿا ڪن ۽ اهي اسڪيمون اڻپوريون آهن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته سنڌو درياهه ۾ تلائن جي اسڪيمن تي انڪوائري ڪئي ويندي. اپ اسٽريم واٽر لائين جي تعمير ۾ تيزي آندي وڃي ته جيئن لطيف آباد کي پاڻي فراهم ٿي سگهي. وڏي وزير رستن، پارڪن ۽ ٻين عوامي هنڌن تان حددخليون هٽائڻ جي به هدايت ڪئي.

نگران وڏو وزير ڀٽ شاهه پهتو، شاهه جو راڳ به ٻڌو

ڀٽ شاهه (ن پ ا) سنڌ جو نگران وڏو وزير مقبول باقر ڀٽ شاھ پهچي ويو آهي، درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري، اوقاف کاتي جي عملدارن پاران نگران وڏي وزير جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو ۽ درگاھ ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه لطيفي پاران نگران وڏي وزير مقبول باقر کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي موجود هئا ان موقعي تي نگران وزير اعلا جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پاران تنبوري جي تند تي شاھ جو راڳ به ٻڌو ۽ راڳي فقيرن پاران دعا گهري وئي.

Leave A Comment