هن وقت پراڻي پاڪستان ۾ نئون پاڪستان ٺاهيندڙ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف هڪڙو ماضي جو داستان بڻجي ويا آهن، تنهن ڪري ان تي بحث ۽ ڪچهري وقت جو زيان سمجهيو پيو وڃي ۽ هيڏانهن پراڻي پاڪستان ۾ وري پراڻا مسئلا هڪ دفعو ٻيهر اٿي کڙا ٿي رهيا آهن. انهن پراڻن مسئلن ۾ هڪڙو مسئلو ملڪ ۾ وقت تي چونڊون ڪرائڻ يا ٿيڻ جو به آهي. پيپلز پارٽي ڪجهه ڏينهن کان وٺي اهي بيان ڏئي رهي آهي ته هر حال ۾ چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن ۽ اسيمبلين جو جيڪو مدو 8 آگسٽ تي ختم ٿي رهيو آهي ته 9 آگسٽ تي نگران سيٽ اپ اچي وڃي ۽ اهڙي طرح آڪٽوبر جي آخر ۾ يا نومبر جي پهرئين هفتي يا شروعاتي ڏهن ڏينهن ۾ چونڊون ٿي وڃڻ گهرجن. ٻئي پاسي وري نواز ليگ جا مرڪزي اڳواڻ به بار بار پيا چون ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندي ۽ 8 نومبر تي چونڊون ٿي وينديون. ٻئي پاسي پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي کان ڪنهن حد تائين ناراض آهي ۽ چئي ٿو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ پاڻ ۾ ويهي فيصلا ڪري رهيا آهن ۽ مون سان ڪا به صلاح مصلحت نه پئي ڪئي وڃي. مطلب مولانا ناراض آهي ۽ مولانا جي خواهش آهي ته اسان سڀني گڏجي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي منطقي انجام تي پهچايو آهي ته پوءِ ايندڙ ۽ ويجهي مستقبل جا جيڪي ملڪي سطح تي فيصلا يا صلاح مصلحت ٿئي ته ان ۾ سڀ شامل هجڻ گهرجن. اهو سڄو منظر صاف ظاهر ڪري رهيو آهي ته نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ ۾ ڪن اهم ڳالهين تي سنجيده اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن، يا اصل ۾ انهن سڀني سان ڪا گيم ٿيڻ پئي وڃي. اچو ته ان جائزو وٺون.
سڀ کان پهرين ان ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ساڳي طرح نواز ليگ وري شهباز شريف کي ايندڙ پنجن سالن لاءِ وزير اعظم ڏسڻ چاهي ٿي. تنهن ڪري ان ڊوڙ ۾ ٻئي ڌريون ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ عالمي سطح تي به پنهنجي پنهنجي حمايت لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پرڏيهي وزير طور تمام گهڻن ملڪن جا دورا ڪري پنهنجو خاص تعارف ڪرائڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿيندي نظر اچي پيو. ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم ڪير ٿيندو، ان جي واضح خبر چونڊن کانپوءِ پوندي، تنهن ڪري ان بحث کي اتي ختم ڪريون ٿا. وقت تي چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ عوامي سطح تي يا ميڊيا ۾ ٿورڙو اختلاف نظر اچي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جو گهڻو زور آهي ته 8 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙي ٽن مهينن لاءِ نگران سيٽ آندو وڃي ۽ ٻئي پاسي وري نواز ليگ به چئي ٿي ته چونڊون وقت ٿي ٿينديون، پر ٻنهي پارٽين جي مرڪزي اڳواڻن جون ڳالهيون ۽ بيان ٻڌي ۽ پڙهي ائين ٿو ته لڳي ته پيپلز پارٽي وقت تي چونڊون ڪرائڻ تي بضد آهي ۽ نواز ليگ وري ٻه چار مهينا دير سان چونڊون ڪرائڻ جي موڊ ۾ نظر پئي اچي ۽ ٻنهي پارٽين ۾ وقت تي چونڊون ڪرائڻ تي هڪڙي بي اعتمادي نظر اچي پئي يا اهڙي قسم جو شعوري تاثر ڏنو پيو وڃي! هلندڙ سال جي جنوري مهيني ۾ عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون ٻئي صوبائي حڪومتون ختم ڪري اتي نگران حڪومتون ان لاءِ آنديون هيون ته ٽن مهينن جي اندر اتي چونڊون ٿي وينديون، پر هن وقت تائين ڇهه مهينا گذرڻ جي باوجود به اتي چونڊون نه ٿي سگهيون آهن ۽ هاڻي وفاق ۾ حڪومت 8 آگسٽ تي اسيمبلين جو آئيني مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ اسيمبليون ٽوڙي نگران سيٽ ٺاهي پر جيڪڏهن اتي ٽن مهينن جي اندر چونڊون نه ٿيون ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇو ته ٽن مهينن جي اندر چونڊون نه ڪرائڻ جو تازو تجربو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٿي چڪو آهي ۽ اتي جون نگران حڪومتون چونڊيل حڪومت وانگر سڀ ڪم ڪري رهيون آهن. هاڻي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي خدشو آهي ته ڪٿي انهن سان به عمران خان واري گيم نه ٿي وڃي ۽ انهن کي چيو وڃي ته توهان اسيمبليون ٽوڙيو ته چونڊون ڪرايون ٿا ۽ سڀاڻي وري ملڪ جي معاشي ۽ سياسي حالتن جو بهانو بڻائي وقت تي چونڊون ئي نه ڪرايون وڃن. تنهن ڪري پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ هڪ صلاح ٿي اسيٽيبلشمينٽ کي پيغام ۽ عوام کي ٻڌائڻ چاهين ٿيون ته ڪجهه به ٿي وڃي، چوندون هر حالت ۽ هر صورت ۾ ٽن مهينن جي اندر ٿيڻ گهرجن. ٻئي پاسي وري مولانا فضل الرحمان به ناراض نظر پيو اچي ۽ هن پنهنجي اهڙي ناراضگي جو اظهار ميڊيا ۾ اچي ڪيو آهي. يعني هن ڪجهه انتظار ڪيو ته معاملو ميڊيا ۾ نه اچي، پر شايد نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي طرفان ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو، مولانا کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو ۽ نيٺ مجبوري ۾ مولانا کي ان جو اظهار ميڊيا ذريعي ڪرڻو پيو. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سمجهن ٿيون ته مولانا سان اسان جو ٺاهه يا اتحاد صرف ئي صرف عمران خان کي حڪومت مان ڪڍڻ جو هو، اهو ڪم خير خوبي سان ٿي ويو آهي ۽ هاڻي اسان کي مولانا جي گهڻي ضرورت ناهي ته پوءِ هن کي ايتري اهميت يا پروٽوڪول ڇو ڏيون! پر ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان به وڏو جهانديده سياستدان آهي، ائين سولو هٿ نه ڪڍندو ۽ گهڻا معاملا سيٽ ڪري پوءِ سک جو ساهه کڻندو!
هاڻي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي چونڊون وقت تي نه ٿيڻ جو خوف آهي، ڇو ته اهي ڏسي رهيون آهن ته جيڪڏهن چونڊون وقت تي نه ٿيون ته ان جو سڌو سنئون نقصان انهن کي ٿيندو. ٻيو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي اتحادي حڪومت ڏسي رهي آهي ته اسان تمام وڏيون ڪوششون وٺي دوست ملڪن کان به ڪجهه ارب ڊالرز وٺي آيا آهيون ۽ ساڳئي وقت وري آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪري قرض وٺڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويا آهيون ۽ هاڻي ملڪ جو معاشي نظام ڪجهه وقت تائين پاڻ کي سنڀالڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي، اهڙي وقت تي چونڊون نه ٿيون ته اسان جي سڄي محنت ضايع ٿي ويندي. تنهن ڪري جيترو به ٿي سگهي اسٽيبلشمينٽ تي دٻاءُ وجهي وقت تي چوندون ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. هاڻي ڏسجي ته ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي ڪاميابي ملي ٿي يا وري اسٽيبلشمينٽ انهن کي عمران خان جي خلاف ڪاميابي سان استعمال ڪري، وري ڪا اهڙي ڳجهي گيم ڪندي، جنهن ۾ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي ايترو ڪجهه نه ملي، جنهن جي انهن کي اميد هئي يا انهن کي اهڙي اميد ڏيکاري ڪم ڪڍيو ويو!