چونڊون ٽئين مرحلي ۾ داخل: نواز شريف جا فارم چيلنج: عمران خان، شاهه محمود ۽ ٻين جون فارم رد ڪرڻ خلاف اپيلون داخل

جنوري 2, 2024

ڪراچي /اسلام آباد (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان ٽئين اهم مرحلي جي شروعات ٿي وئي آهي. نامزدگي فارم جمع ۽ ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ بعد فارمن جي منظوري يا نامنظوري کي چئلينج ڪندي اپيلون داخل ڪيون ويون آهن. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو بحال ٿيل فارم چيلينج ٿي ويو، جڏهن ته  اعجاز جکراڻي جي فارمن جي منظوري ۽ عمران خان، شاهه محمود قريشي، حليم عادل شيخ، زين قريشي، فردوس شميم نقوي ۽ ٻين جا فارم رد ڪر ڪڻ خلاف اپيلون داخل ڪيون ويون آهن. مليل اطلاعن موجب ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ ٽيون مرحلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪاغذن جي نامزدگي ۽ ڇنڊڇاڻ بعد منظوري يا ڪاغذ رد ڪرڻ وارن فيصلن خلاف اپيلن جي داخلا شروع ٿي وئي آهي. ملڪ ۾ قائم اليڪشن ٽربيونلز ۾ اپيلون داخل ڪيون ويون آهن. ن ليگ جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي لاهور ۽ مانسهره مان ڪاغذن جي منظوري خلاف درخواستون داخل ڪيون ويون آهن. لاهور ۾ منظوري پاڪستان عوامي محاذ جي سربراهه اشتياق چوڌري ايڊووڪيٽ چئلينج ڪئي آهي. سندس موقف آهي ته نوازشريف کي سپريم ڪورٽ تاحيات نااهل قرار ڏنو آهي هو چونڊ وڙهڻ جو اهل ناهي، رٽرننگ آفيسر حقيقتن جي ابتڙ ڪاغذ منظور ڪيا. سنڌ جي مختلف تڪن تي چونڊ وڙهندڙ پي ٽي آءِ  اميدوارن مخدوم  شاهه محمود قريشي، سندس فرزند زين قريشي، حليم عادل شيخ، فردوس شميم نقوي، خرم شير زمان، آفتاب جهانگير، ڊاڪٽر سعيد آفريدي، ايڊووڪيٽ عطاءَ الله ۽ مسرور سيال رٽرننگ آفيسرن پاران سندن نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف ٽربيونل ۾ اپيلون داخل ڪرايون آهن، ان ڏس ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فرزند زين قريشي اين اي 214 عمر ڪوٽ، حليم عادل شيخ اين اي 238، خرم شير زمان اين اي 247 ، فردوس شميم نقوي اين اي 236 ۽ مظهر جوڻيجو پي ايس 86 تي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيلون داخل ڪيون آهن، جڏهن ته  پ پ سان لاڳاپيل اين اي 234 جي اميدوار رفيق عباسي ۽ تحريڪ انصاف جي اميدوار مسرور سيال به نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف ٽربيونل سان رابطو ڪري ورتو آهي، ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ جي مسرور سيال جو چوڻ هو  ته مون مٿان ايف آءِ آر داخل هجڻ جو سبب ڄاڻائي پي ايس 231 ۽ 230 تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، هوڏانهن اميدوارن پاران اپيلن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته رٽرننگ آفيسرن نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ وقت اهم قانوني نقطن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ھو، انهي ڪري نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، واضح رهي ته اپيلون داخل ڪرڻ لاءِ 3 ڏينهن جو ٽائيم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اپيلن جو فيصلو 10 جنوري تائين ٻڌايو ويندو. اپيلٽ ٽربيونل سکر ۾ جي ڊي اي اميدوار سردار محمد خان جوڻيجو اين اي 209 سانگهڙ تان نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف بحالي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. جي ڊي اي اميدوار محمد خان جوڻيجو جو نامزدگي فارم رٽرننگ آفيسر رد ڪيو هو. اين اي 190 جيڪب آباد تي اعجاز جکراڻي جي نامزدگي فارم منظوري کي محمد ميان سومرو چئلينج ڪيو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. ٻئي پاسي بدين مان جي ڊي اي اميدوار ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا رٽرننگ آفيسرن جي سندن نامزدگي فارم رد ڪرڻ واري فيصلي کي اڄ اليڪشن ٽربيونل ڪراچي ۾ چيلنج ڪندا،  يادر رهي ته رٽرننگ آفيسرن بدين جي قومي تڪ اين اي 223 تي جي ڊي اي اميدوار فهميده مرزا ۽ ٽنڊي باگي تڪ تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا  جا نامزدگي ڪاغذ  رد ڪيا هئا.

Leave A Comment