چونڊون 2024ع: آزاد 101، مسلم ليگ نواز 73 ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي 54 سيٽن تي ڪامياب

فيبروري 10, 2024

قومي اسيمبلي جي 265 مان 101 تڪن تي پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار ڪامياب، 73 تي نوازليگ ۽ 54 تي پيپلزپارٽي ڪامياب، ايم ڪيو ايم 17 ۽ مسلم ليگ ق 3 سيٽون کٽي ورتيون، آءِ پي پي جي يو آءِ 2-2 قومي تڪن تي ڪامياب

پنجاب اسيمبلي ۾ مسلم ليگ نون 134 تڪن تي ڪامياب، پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار 131 تڪ کٽي ويا، پيپلزپارٽي 10 سيٽون کٽي ورتيون، خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن 90 سيٽون ٻهاري ورتيون، جي يو آءِ ف 7 ۽ مسلم ليگ ن 5 تڪن تي ڪامياب، جماعت اسلامي ۽ پيپلزپارٽي 5-5 سيٽون کٽي ورتيون

سنڌ اسيمبلي جي 130 تڪن مان 84 تي پيپلز پارٽي ڪامياب، ايم ڪيو ايم 28 ۽ آزاد اميدوار 14 سيٽون کٽي ويا، جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي 2-2 تڪن تي ڪامياب

خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن 90 سيٽون ٻهاري ورتيون، جي يو آءِ ف 7 ۽ مسلم ليگ ن 5 تڪن تي ڪامياب، جماعت اسلامي ۽ پيپلزپارٽي 4-4 سيٽون کٽي ورتيون

بلوچستان اسيمبلي ۾ به پيپلزپارٽي 11 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي صوبي جي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي سامهون اچي وئي، مسلم ليگ نواز 9 ۽ جي يو آءِ ف 8 تڪن تي ڪامياب، بلوچستان ۾ 5 تڪن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي، بي اي پي 4 تڪ کٽي ورتا، اي اين پي ۽ نيشنل پارٽي به 2-2 تڪن تي ڪامياب

 

Leave A Comment