سنڌ اسيمبليءَ نون صوبن، انتظامي يونٽن يا ڪنهن به ٻئي نالي سان سنڌ جي ورهاڱي کي رد ڪندي ٺهراءُ منظور ڪري اهو معاملو سنڌ جي چونڊيل ايوان جي سطح تي واضح ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ قانوني شعور پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏي آهي ته سنڌ جي وحدت تي ڪو به سوديبازي وارو سوال قبول نه ڪيو ويندو. پر افسوس جو وفاقي حڪومت سنڌ جي چونڊيل ايوان جي هن واضح ۽ جمهوري فيصلي کي تسليم ڪرڻ بدران نون صوبن جي پنهنجي هوڏ تي قائم آهي ۽ ايندڙ مهيني قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ نون صوبن بابت بحث ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهو عمل رڳو هڪ سياسي اختلاف ناهي، پر سنڌ جي چونڊيل ايوان جي مينڊيٽ ۽ ان جي گڏيل آواز جي سڌي توهين آهي. سوال اهو آهي ته جڏهن هڪ صوبائي اسيمبلي، جيڪا ان صوبي جي عوام جي نمائندگي ڪري ٿي، پنهنجي علائقائي وحدت بابت واضح فيصلو ڏئي چڪي آهي ته پوءِ وفاقي حڪومت ساڳئي معاملي کي ٻيهر وفاقي ايوانن ۾ بحث هيٺ آڻڻ تي ڇو بضد آهي؟ ڇا وفاق ۽ صوبن جو تعلق طاقت ۽ حڪم جو تعلق آهي يا آئين، جمهوريت ۽ باهمي احترام جو؟ جيڪڏهن صوبائي اسيمبليءَ جي قرارداد کي ڪا اهميت ئي نه هجي ته پوءِ چونڊيل ايوانن، پارلياماني نمائندگي ۽ وفاقي ڍانچي جي معنائن تي ئي سوال اٿي ٿو.
ڪنهن صوبي جي تاريخي، ثقافتي، سياسي ۽ جاگرافيائي وحدت کي ان جي عوام جي مرضيءَ خلاف ڇيڙڻ هڪ انتهائي حساس معاملو آهي. سنڌ جي معاملي ۾ صورتحال وڌيڪ واضح آهي. سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ کان وٺي قومپرست، ترقي پسند ۽ جمهوري ڌريون، وڪيل، دانشور ۽ سول سوسائٽيءَ جا مختلف حلقا سنڌ جي ورهاڱي واري ڪنهن به منصوبي جي مخالفت ڪري رهيا آهن. ان مخالفت کي محض ڪنهن هڪ سياسي جماعت جو ردعمل قرار ڏيڻ حقيقت کان منهن موڙڻ برابر هوندو. سنڌ جي عوام لاءِ سنڌ رڳو انتظامي حدبنديءَ جو نالو ناهي. اها هڪ تاريخي ۽ تهذيبي وحدت آهي، جنهن جي پنهنجي هزارين سالن تي پکڙيل سڃاڻپ، ٻولي، ثقافت، تاريخ ۽ اجتماعي شعور آهي. تنهن ڪري سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪو به قدم رڳو نقشي تي ليڪ ڪڍڻ جو معاملو نه هوندو، پر ان جا سياسي، سماجي ۽ نفسياتي اثر تمام گهرا ٿي سگهن ٿا. اهڙي حساس مسئلي کي حڪومتي ضد، سياسي طاقت يا پارلياماني انگن جي زور تي اڳتي وڌائڻ بدران وسيع قومي اتفاق، آئيني اصولن ۽ لاڳاپيل صوبي جي عوام جي مرضيءَ جو احترام ڪرڻ گهرجي. وفاقي حڪومت کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته اهڙي هوڏ وفاق کي مضبوط نه ڪندي، پر وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ بي اعتماديءَ جي وٿي وڌيڪ وڌائيندي. پاڪستان جو وفاق ان وقت ئي مضبوط ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان جون وفاقي وحدتون پاڻ کي محفوظ، بااختيار محسوس ڪن. صوبن جي مرضيءَ کي نظرانداز ڪري فيصلا مڙهڻ سان وفاقي ڍانچي ۾ اعتماد پيدا نٿو ٿي سگهي. ان جي ابتڙ، اهڙا قدم سياسي ڇڪتاڻ، احتجاج ۽ مزاحمت کي جنم ڏيندا آهن.
اسان جي سياسي تاريخ اهڙن روين جي نتيجن سان ڀريل آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن حڪمرانن عوامي خواهشن، صوبائي خودمختياري ۽ جمهوري راءِ کي نظرانداز ڪري طاقت ۽ هوڏ کي پاليسي بڻايو، تڏهن انهن فيصلن ملڪ کي مضبوط ڪرڻ بدران وڌيڪ بحرانن ڏانهن ڌڪيو. تاريخ جو سڀ کان وڏو سبق اهو آهي ته ماڻهن جي مرضيءَ کي طاقت سان خاموش ته ڪري سگهجي ٿو، پر ختم نٿو ڪري سگهجي. سياسي مسئلا طاقت سان نه، سياسي بصيرت، ڳالهين ۽ رضامنديءَ سان حل ٿيندا آهن. وفاقي حڪومت کي هوڏ ۽ ضد ڇڏڻ گهرجي. سنڌ جي چونڊيل ايوان جي واضح فيصلي کان پوءِ سنڌ جي ورهاڱي واري بحث کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اڳتي وڌائڻ، جمهوريت جي روح سان ٺهڪندڙ نه آهي. حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته وفاق رڳو اسلام آباد جو نالو ناهي؛ وفاق صوبن جي اعتماد سان وجود ۾ اچي ٿو. سنڌ جي چونڊيل ايوان جي توهين دراصل سنڌ جي عوام جي سياسي راءِ جي توهين آهي. اهڙي روش سان ڪو به انتظامي مقصد حاصل نه ٿيندو، البت وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ فاصلو ضرور وڌندو. وقت جي تقاضا آهي ته حڪمران تاريخ کان سبق سکن، ماضيءَ جي غلطين کي ٻيهر نه ورجائجي ۽ اهڙن حساس معاملن تي هوڏ بدران حڪمت، طاقت بدران رضامندي ۽ تڪرار بدران وفاقي احترام جو رستو اختيار ڪن. سنڌ جي وحدت بابت سنڌ پنهنجي ڳالهه چئي چڪي آهي؛ هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اسلام آباد ان جمهوري آواز کي ٻڌڻ لاءِ تيار آهي؟