ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 4 ڏينهن کان بجلي بند، پاڻي بحران به ڪرُ کنيو، رهواسي گرمي ۽ اڃ وگهي بي حال، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا
شهدادڪوٽ واسين جو صبر جواب ڏئي ويو، 5 ڏينهن کان بجلي بند هجڻ خلاف شهري گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، شهرين جو شهدادڪوٽ ۾ سيپڪو آفيس آڏو ڌرڻو، عبدالوھاب پندراڻي، حبدار مير جت، شاھد اعواڻ، مجاھد اعواڻ، منير بروهي، محمد جان بروهي ۽ ٻين چيو ته بجلي جي بندش جي ڪري پريشان ٿي ويا آهيون، عيد نماز به نه پڙهي سگهياسين، هن وقت بجلي نه هجڻ ڪري عورتون توڙي ٻار پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان ٿي ويا آهن، جڏهن ته چوڪ ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻي سبب بلوچستان ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي
نصير آباد ۾ عورتون به ٻاهر نڪري آيون، سيپڪو ۽ حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ڪامريڊ عابدا چنا، فوزيا سينگار، شازيا راشد ۽ مھرالنساءِ، يوسف پتوجو، سينگار نوناري ۽ معشوق ڦلپوٽو چيو ته پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي، مٿان وري بجلي ۽ گيس به بند ڪئي وئي آهي، عيد به ماتم ۾ تبديل ٿي وئي آھي
راڌڻ ۾ به شهرين بجلي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، سرهاڙي ۾ به بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نيوسعيدآباد ۾ به احتجاج، بکر جمالي ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف جهانگير جمالي، گلبهار جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مھراڻ ھاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو
ميھڙ ۾ 4ڏينھن کان بجلي بحال نه ٿيڻ سبب رهواسي شديد گرمي سبب بي حال ٿي ويا آهن، مٺياڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 24ڪلاڪن کان بجلي بند آهي
مظاهرين جو چوڻ آهي ته چئن ڏينهن کان بجلي بند هئڻ سبب عيد به رد ٿي وئي، سخت گرميءَ ۾ ٻار مري رهيا آهن، ڪي چونڊيل نمائندا پرڏيهه وڃي ويٺا ته ڪي وري ڪراچي ۾ موجود آهن
عوام کي نڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي، سخت گرمي دوران بجلي بند هئڻ سبب ڪيترائي ٻار ۽ پيرسن بيمار ٿي پيا، بجلي بند هئڻ سبب پاڻيءَ جي بحران به ڪر کنيو، شهرين بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو