ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊيل نمائندن کي تڪن ۾ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عوام کي انتظاميا سان سهڪار جي به اپيل
پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سامونڊي طوفان سبب ڪراچي، ٺٽو،
سجاول ۽ بدين ساحلي پٽيءَ وارن علائقن کي سخت خطرو آهي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت
لاءِ هر ممڪن وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن
بلاول چيو ته سنڌ حڪومت سامونڊي طوفان سبب چوڪس آهي ۽ هر امڪاني حفاظتي قدم کڻي رهي آهي، عوام ۽ ساحلي پٽين جا رهواسي انتظاميا سان سهڪار ڪري بنا دير محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿين
هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سک هجي يا ڏُک عوام سان هر دم گڏ هوندي آهي، دعا آهي ته رب پاڪ پاڪستان جي هر ڪنڊ ۽ هر پاڪستانيءَ کي پنهنجي حفاظت ۽ امان ۾ رکي
بلاول پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن کي پنهنجي تڪن ۾ موجود رهڻ ۽ عوام سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جا ڪارڪن امدادي سرگرمين ۾ انتظاميا جي مدد ڪن