چونڊڪو ڀرسان نارا ڪينال ۾ ٻيڙي اونڌي: 11 ڄڻا ٻڏي ويا

آڪٽوبر 30, 2023

چونڊڪو ويجهو نارا ڪينال ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 11ڄڻا ٻڏي ويا، 4 ڄڻن کي بچايو ويو

ڳوٺ چڀڙ شر جا رهواسي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڳوٺ جمال الدين شهر وڃي رهيا هئا ته سندن ٻيڙي اوچتو اونڌي ٿي پئي

ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 4 ڄڻن کي  بچائي ورتو آهي

ٻڏي ويلن ۾ راجا شر، مصري، سالڪ، بخش علي، جمعو شر ۽ ٻيا شامل آهن

کينواري پوليس جو چوڻ آهي ته ٻڏي ويلن جي ڳولا جاري آهي

Leave A Comment