| چونڊڪي ۾ ٻن ڏينهن ۾ 3 ٻارڙا فوت، جاچ ڪميٽي قائم |
خيرپور (رپورٽر) خيرپور ضلعي جي چونڊڪو ڀرسان ڳوٺ ڪمبير شاھ بخاري ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران بوزدار برادري جي ھڪ ئي گھر جا ٽي معصوم ٻار ارڙي جي سٽ نه سھي فوت ٿي ويا. فوت ٿيل ٻارن ۾ محمد حسن پٽ ممتاز بوزدار، جڏهن ته نبي بخش ۽ علي بخش بوزدار پٽ الاھي بخش شامل آهن، ٻئي پاسي ساڳي وبا ۾ وڪوڙيل زينب ڌيءُ الاھي بخش، عائشا ۽ رابعا سميت چار معصوم ٻارڙا سرڪاري اسپتال ۾ داخل آهن، ٻي طرف 3 ٻارن جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڊپٽي ڪمشنر خيرپور نوٽيس ورتو. ڊپٽي ڪمشنر الطاف چاچڙ جي حڪمن تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر واقعي بابت 6 ميمبرن تي مشتمل جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ٻارن جي فوت ٿيڻ بابت جاچ ڪميٽي کي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻي جون ھدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون آهن. جوڙيل ڪاميٽي ۾ ڊاڪٽر پارس رام، ڊاڪٽر اسحاق علي سميت صحت کاتي جا 6 آفيسر شامل آهن.