| چونڊ بائيڪاٽ جي خبر ڏيڻ تي الجزيره جي انگريزي ويبسائٽ بند |
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي سڌ سماءُ واري وزارت ڪشمير جي چونڊن بابت الجزيرا جي ڪوريج کي ”زرد صحافت“ قرار ڏيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ الجزيرا انگلش جي ويب سائيٽ بند ڪري ڇڏي آهي. صحافي بينظير شاهه سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ لکيل هو ته هن ويب سائيٽ تائين رسائي ممڪن ناهي. بينظير شاهه موجب، اهو پيغام ان وقت سامهون آيو ، جڏهن هن الجزيرا انگلش جي ويب سائيٽ کولڻ جي ڪوشش ڪئي. صحافي عامر ضياءَ پڻ ايڪس تي سوال ڪيو ته ڇا پاڪستان ۾ الجزيرا جي ويب سائيٽ بند ڪئي وئي آهي؟ مان ان تائين رسائي حاصل نٿو ڪري سگهان. الجزيرا پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي شهر مظفرآباد ۾ هڙتال سبب رهواسين چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو.