| چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي ۾ هڪ جيتري نمائندگي تي غور ڪرڻ جو فيصلو: پي ٽي آءِ کان نالا طلب |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي هڪجهڙي نمائندگي واري مطالبي جو معاملو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي برابر نمائندگي واري مطالبي تي ماضي جي پارلياماني ڪميٽين جي مثالن ۽ طريقيڪار جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چونڊ سڌارن بابت ماضي ۾ قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اڳوڻين پارلياماني ڪميٽين جو رڪارڊ گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ماضي جي پارلياماني ڪميٽين ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي نمائندگيءَ جي تناسب جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته اهو به ڏٺو ويندو ته اڳوڻين ڪميٽين ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي برابر نمائندگيءَ جو ڪو مثال موجود آهي يا نه. ذريعن موجب چونڊ سڌارن لاءِ اڳ ۾ قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽين جي ٽي او آرز جو پڻ جائزو ورتو ويندو. هوڏانهن چونڊ سڌارن لاءِ ڪميٽي جوڙڻ واري معاملي تي حڪومت مخالف ڌر جي اڳواڻ کي خط لکڻ سان گڏ پي ٽي آءِ سان به رابطو ڪري ورتو. وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڊوگر سان رابطو ڪري چونڊ سڌارن واري ڪميٽي ۾ شموليت لاءِ ميمبرن جا نالا گهري ورتا. عامر ڊوگر ڪميٽي جي جوڙجڪ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 جي مقابلي ۾ 15 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ذريعي چونڊ سڌارا ڪيئن ممڪن ٿيندا. 2013ع کان 2018ع دوران چونڊ سڌارن لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جو جائزو ورتو وڃي ۽ ڏٺو وڃي ته 2013ع ۾ قائم ڪيل ڪميٽي جي جوڙجڪ ڪهڙي هئي. رابطي دوران وڏي وزير سهيل آفريدي جي حراست ۽ اسيمبلي جي ڪيترن ئي ميمبرن جي گرفتارين جو معاملو پڻ اٿاريو ويو. عامر ڊوگر چيو ته جڏهن هڪ درجن جي لڳ ڀڳ اسيمبلي ميمبر گرفتار آهن ته اهڙي صورتحال ۾ چونڊ سڌارا ڪيئن ممڪن ٿي سگهندا.