چونڊ ضابطن بابت پارٽين سان اربع تي مشاورت جو فيصلو

آڪٽوبر 7, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي حوالي سان اربع ڏينهن سياسي جماعتن سان حتمي چونڊ ضابطه اخلاق تي مشاورت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

 عام چونڊن جي حوالي سان سياسي جماعتن جا نمائندا تيار ڪيل ضابطه اخلاق تي تجويزون ڏيندا. ذريعن مطابق سياسي جماعتن سان مشاورت بعد حتمي ضابطه اخلاق جاري ڪيو ويندو

 چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيندو, جنهن م سمورين سياسي پارٽين کي شرڪت لاءِ دعوت ناما اماڻيا ويا آهن

االيڪشن ڪميشن  چونڊ ضابطه جو ڊرافٽ سياسي پارٽين کي اماڻي چڪي  آهي، ضابطه اخلاق مطابق صدر پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان ۽ عوامي عهديدار چونڊ مهم ۾ حصو نه وٺي سگهندا

سينيٽرز ۽ بلدياتي نمائندا چونڊ مهم هلائي سگهن ٿا، ترقياتي اسڪيمن جي اعلانن تي پابندي هوندي، عدليا، نظريه پاڪستان خلاف ڳالهائڻ ۽ ان خلاف مهم تي پابندي هوندي

 سياسي جماعتون ۽ اميدوار رشوت، تحفا يا ڪا لالچ نه ڏينديون, سياسي جماعتون جنرل سيٽن تي 5 سيڪڙو عورت اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏينديون

 جلسن، جلوسن ۽ عوامي اجتماعن ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي، فرقي واريت، لسانيت تي ڳالهائڻ، ڪنهن شهري جي گهر سامهون احتجاج يا ڌرڻي جي اجازت ڪنهن به صورت ۾ نه ڏني ويندي, سرڪاري ملڪيتن تي سياسي جماعتن جا جهنڊا لڳائڻ تي پابندي هوندي

Leave A Comment