| چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي: وزيراعليٰ ڪي پي کي حاضري کان ڇوٽ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواه جو وڏو وزير چونڊ ضابطا ڀڃڪڙي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو. سهيل آفريدي جي وڪيل ڪميشن تي جانبداري جا الزام هڻندي چيو ته اليڪش ڪميشن ۽ درخواستگذار اسان جي خلاف آهن، پنجاب جِي وزيراعليٰ خلاف درخواست ڏني پر کيس نه گهرايو ويو، طلال چوڌري به ڪميشن آڏو پيش نه ٿيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سوال پڇيو ته ڇا وزيراعليٰ پنجاب خيبرپختونخواه وئي هئي؟ سهيل آفريدي جي وڪيل چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جي مڙس اُتي وڃي افتتاح ۽ ترقياتي رٿائن جا اعلان ڪيا، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته طلال چوڌري جي ڀاءُ جو نوٽيفڪيشن روڪيو آهي، سڀني خلاف هڪجهڙو ايڪشن ٿيندو، اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي سهيل آفريدي کي ايندڙ ٻڌڻي ۾ حاضري کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي، اي سي پي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته مون کان ڪابه غلطي نه ٿي آهي، جواب داخل ڪرائينداسين، اسان جي اِننگز جارحاڻيون نه، پر آئين ۽ قانون پٽاندڙ آهن، مون چيو هو چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪي پي سرڪار جي پرزائيڊنگ آفيسرز فارم 45 ڏنا، آر او وفاقي سرڪار جا هئا، پي ٽي آءِ اميدوارن شڪايت ڪئي آهي ته آر او آفيس اندر سيڪيورٽي وفاقي ادارن جي هئي، سلمان اڪرم راجا کي معاملي جي جاچ جي ذميواري ڏني آهي.