| چونڊ ضابطه اخلاق: سهيل آفريدي ٻيهر طلب، بابر نواز کي نوٽيس |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ضمني چونڊن ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ سهيل آفريدي کي ٻيهر طلب ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن ن ليگ جي ايم اين اي بابر نواز خان کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي وارن ڪيسن تي اليڪشن ڪميشن 13 جنوري ٻڌڻي ڪندو. اهڙي طرح مظفرڳڙهه جي تڪ پي پي پي 269 جي ميان عالمدار عباس قريشي ۽ محمد اقبال خان کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي به 13 جنوري تي ٿيندي. ساڳي ريت اليڪشن ڪميشن ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي مملڪتي وزير داخلا طلال چوڌري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 8 جنوري تي ڪندو. تڪ مان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار بلال چوڌري کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو.