| چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ جو الزام: اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي: پي ٽي آءِ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو ٻيهر شفاف چونڊون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته اسان جي کٽيل اميدوارن کي هارايو ويو ، عوام ضمني چونڊ جي نتيجن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته هريپور ۾ فارم بي موجب پي ٽي آءِ اميدوار شهناز عمر ايوب کي اٽڪل 25 هزار ووٽن جي برتري حاصل هئي پر اليڪشن ڪميشن نتيجو تبديل ڪري نواز ليگ جي اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سرڪاري ويبسائيٽ تي غلط نتيجا ڏئي رهي آهي، شهناز عمر ايوب جي رزلٽ کي تبديل ڪيو ويو . اسد قيصر چيو ته نتيجا تبديل ڪرڻ کان بهتر هو چونڊون ڪرائڻ بدران سڌي ريت نواز ليگ جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا وڃن ها.