چونڊ کٽي حڪومت ٺاهينداسين، اهو وقت واپس ايندو جڏهن ماني 4 رپين جي هئي: نواز شريف

فيبروري 3, 2024

فيصل آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ 50 لک گهرن ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو، ڇا ڪنهن کي گهر مليو؟ ڇا بيروزگاري ختم ٿي وئي؟ اسان بلين ٽري وارا ناهيون، جيڪي چوندا آهيون اهو ڪندا آهيون. فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جلسي ۾ موجود ڪو هڪ شخص هٿ کڻي ٻڌائي ته ان کي گهر مليو، هي ممي ڊيڊي وارا نوجوان ناهن، چوندا آهن ته اهي نوجوان ڪنهن ٻئي سان گڏ آهن پر نه اهي ن ليگ سان گڏ آهن، هجوم ڏسي مون وٽ لفظ ئي ناهن، بس اهو چوندس ته فيصل آباد زنده آباد. هن چيو ته فيصل آباد ۾ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان موٽر ويز آهن، توهان کي ڪيترا موٽر ويز کپن؟ توهان انڪار ڪندئو ته به اسان ٺاهينداسين، حڪومت ۾ اچي، اٽو، گئس، پيٽرول ۽ کنڊ سستي ڪنداسين. هن چيو ته فيصل آباد واسين کي مبارڪ هجي، 8 فيبروري تي اهي ئي کٽيندا. اسين حڪومت ٺاهينداسين. وزيراعظم اسان جوهوندو. هن چيو ته اهو زمانو واپس آڻينداسين جڏهن ماني 4 رپين جي هئي. بجلي پيٽرول سڀ سستا ڪنداسين. شهباز شريف کي چوان ٿو ته ڪو به بيروزگار نه رهي.

Leave A Comment