چونڊ ڪاميابي نواز شريف جي ويزن جي ڪري ملي: شهباز شريف

چونڊ ڪاميابي نواز شريف جي ويزن جي ڪري ملي: شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ضمني چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي تي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي مبارڪباد ڏني آهي۔ وزيراعظم اين اي 129 ۾ حافظ محمد نعمان ۽ اين اي 143 چيچاوطني ۾ محمد طفيل جٽ جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نواز شريف جي ويزن ۽ غير معمولي قيادت جي بدولت ضمني چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي ملي آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي مريم نواز جي محنت تي عوام جي ڀروسي جو اظهار آهي، جڏهن ته اها ڪاميابي حڪومت جي ڪارڪردگي تي عوام جي ڀرپور اعتماد جي عڪاسي به ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ضمني اليڪشن ۾ ڪاميابي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن جي مخلص محنت شامل آهي.