| چوهڙ جمالي اسپتال ۾ 4 مهينن جو گُل ٽڙڻ کان اڳ مرجهائجي ويو |
چوهڙ جمالي (ن پ ا) رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب چار مهينن جو ٻارڙو فوت ان ڏس ۾ ڳوٺ مولا بخش سنجراڻي جي رهواسي خدا بخش سنجراڻي جي چئن مهينن جي پٽ نزاڪت سنجراڻي کي بخار ٿي پيو جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي آندو ويو جتي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب چئن مهينن جو نزاڪت موقعي تي فوت ٿي ويو ان سلسلي ۾ فوتي نينگر جي پيء خدا بخش سنجراڻي اسپتال عملي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته منھنجي پٽ کي بخار ٿيو جنهن جي ڪري کيس اسپتال کڻي آياسين جتي کيس ڊاڪٽر انيتا پاران انجيڪشن لڳائي ويئي انجيڪشن لڳڻ سبب اسان جو نينگر فوت ٿيو آهي، اسان کان اسان جو گلن جهڙو پٽ کسي ورتو آهي هن وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڊيوٽي ڊاڪٽر خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي،