چوٽياريون: زھريلو کاڌو کائڻ سبب وڌيڪ هڪ ٻار فوت
جُون 17, 2025
چوٽياريون ( پنهنجي ڊيسڪ ) چوٽياريون ويجهو مبينا زھريلو کاڌو کائڻ سبب حيدرآباد اسپتال ۾ داخل وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت، فوتين جو انگ 3 ٿي ويو،حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل 8ورهين جو اظھر پٽ اصغر راڄڙ دم ڌڻي حوالي ڪيو، ڳوٺ حاجي پيربخش راڄڙ ۾مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب سونو پٽ پيرو ڪيريو ۽ 16ورهين جو عمر پٽ رحيم راڄڙ اڳ ئي فوت ٿي چڪاآهن، جڏهن ته رحيم راڄڙ ۽ مسمات مينھڻ جي حالت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي.