| چوٽياريون سانحو: ايم اين اي پاران 17 ڳوٺاڻن مٿان ڍنڍ تي قبضي جو ڪيس داخل |
چوٽياريون (ن پ ا) پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجي جي ڪمدار ديدار جوڻيجو ڳوٺ جاني جوڻيجو جي 17 ڳوٺاڻن مٿان لونگهڻو ڍنڍ تي قبضي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي ايف آءِ آر ۾ آفتاب جوڻيجو، وارث جوڻيجو، لقمان جوڻيجو، غفار جوڻيجو، شعيب جوڻيجو، منٺار جوڻيجو سميت 12 ڳوٺاڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 5 ڄڻا نامعلوم ظاهر ڪيا ويا آهن. ايف آءِ آر موجب نامزد ڳوٺاڻا پ پ ايم اين اي جي زمين لڳ لونگھڻو ڍنڍ تي قبضي بعد ڪکاوان گهر ٺاهي ويهي رھيا آھن . فريادي موجب ڍنڍ تي قبضي کان روڪڻ تان ڳوٺاڻن طرفان گارگند ڪئي وئي، مختلف هٿيار سان سڌي فائرنگ ڪئي وئي. ٻئي پاسي چوٽياريون سانحي جي فريادي فدا جوڻيجو چيو آهي ته اسان جا اڳ ۾ 3 نوجوان قتل ڪرايا ويا، هاڻي وري اسان خلاف هڪ پٺيان ٻيو ڪيس داخل ڪرايو پيو وڃي.