چوٽياريون سانحو: سانگهڙ تائين مارچ: ڳڙهي خدا بخش وڃڻ جو اعلان: ايس ايچ او معطل   

 چوٽياريون سانحو: سانگهڙ تائين مارچ: ڳڙهي خدا بخش وڃڻ جو اعلان: ايس ايچ او معطل   

 چوٽياريون (ن پ ا) چوٽياريون سانحي جي متاثرن 7 ڪيس داخل ڪرڻ خلاف  چوٽياريون کان ريلي ڪڍي سانگهڙ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي مزار اڳيان احتجاج ڪرڻ جو اعلان, ايس ايچ او چوٽياريون معطل، ان ڏس ۾  چوٽياريون واقعي جي متاثرن ڳوٺ جاني جوڻيجو کان ريلي ڪڍي سانگهڙ پريس ڪلب پهچي احتجاج بعد ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي چوٽياريون سانحي جي فريادي فدا حسين جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته سانگهڙ پوليس پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجي جي ڪمدار بڻيل آهي، ڳوٺاڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين هراسان ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ايم اين اي شازيه مري اسان کي  انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر هن مهل شازيه مري چوٽياريون  واقعي ۾ ملوث جوابدارن جون دعوتون کائي اجرڪون پائي رهي آهي, هنن چيو ته گذريل 11 مهينن دوران اسان مٿان 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن,  هنن وڌيڪ چيو ته 27 ڊسمبر تي پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو ۽ پوليس زيادتين خلاف شهيد بينظير ڀٽو جي مزار اڳيان احتجاج ڪنداسين ٻئي پاسي ڊي ايس پي سانگهڙ سرور سولنگي متاثرن ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، هوڏانهن ايس ايس پي سانگھڙ عابد بلوچ ايس ايچ او چوٽياريون نبي بخش لاشاري کي معطل ڪري اعظم ڀنگوار کي مقرر ڪيو آهي