چوٽياريون سانحو: 11 جوابدارن جي ضمانت درخواست رد، عدالت مان گرفتار، جيل منتقل
مارچ 4, 2025
چوٽياريون(رپورٽ: اعجاز راڄڙ) چوٽياريون سانحي جا 11 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، عدالت جوابدارن جي پڪي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، سمورا جوابدار گرفتار، جيل منتقل، خبر موجب نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چوٽياريون سانحي جي ايف آءِ آر ۾ نامزد 11 جوابدارن جي پڪي ضمانت بابت ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي کين جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جوابدار جيڪي اڳ ۾ هاءِ ڪورٽ مان پروٽيڪشن بيل تي هئا ۽ 3 مارچ تائين عبوري ضمانت تي آزاد هئا، ڪالهه پڪي ضمانت لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوابشاهه ۾ پيش ٿيا، جج سندن ضمانت رد ڪندي حڪم ڏنو ته کين فوري طور تي جيل منتقل ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران مک جوابدار عطاالله جوڻيجو، علي حسن جوڻيجو، جبار خاصخيلي، جانو لانڊر، بابو ڪيريو، عمران انڙ، جمن انڙ، عزيز الله ڪيريو، محبوب جکرو، سيف الله جوڻيجو ۽ اڳوڻو ايس ايچ او غلام محمد سهتو پنهنجي وڪيلن معرفت ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪيون، پر عدالت فريادي ڌر جي موقف کي نظر ۾ رکندي سندن ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سيڪيورٽي هيٺ عدالت کان جيل منتقل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ چوٽياريون سانحي ۾ گرفتار ٿيلن جو انگ 21 ٿي ويو آهي، فيصلي کانپوءِ فريادي ڌر اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته کين عدالت مان انصاف جي اميد آهي، واضح رهي ته 26 جنوري تي چوٽياريون سانحي ۾ ٽن نوجوانن جي قتل ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جو واقعو پيش آيو هو، جنهن بعد فريادي ڌر پاران ڪيس داخل ڪيو ويو.