چوٽياريون ڀرسان فائرنگ، 3 ڄڻا قتل، 15 زخمي، سانگهڙ شهر بند، پ پ اڳواڻ تي الزام

جنوري 27, 2025

چوٽياريون (رپورٽ: اعجاز علي راڄڙ) چوٽياريون ڀرسان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا مارجي ويا، ٽن عورتن سميت 15 ڄڻا زخمي، مقتولن جي وارثن جا پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو مٿان ڳوٺ تي حملو ڪرائڻ جا الزام، متاثرن جو احتجاجي ڌرڻو، خبر موجب ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ زمين جي مالڪي تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڌري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا مشتاق جوڻيجو، علي بخش جوڻيجو ۽ عبدالرسول جوڻيجو مارجي ويا، جڏهن ته 3 عورتن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخين ۾ زبيرهه، ساجدا، عظميٰ، صيفل، اسد، عاشق، ضامن، اويس، لعل بخش، ارباب، عاشق، قدير، امام الدين، غلام رسول ۽ نويد جوڻيجو شامل آهن، جن کي سانگهڙ ۽ کپرو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان وڌيڪ زخمين کي نوابشاهه اسپتال نيو ويو، ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو گهڻي دير تائين جاري رهيو جنهن ڪري علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو، مارجي ويل مشتاق جوڻيجو، علي بخش ۽ عبدالرسول جوڻيجو جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولن جي وارثن ٽئي لاش پريس ڪلب سانگهڙ آڏو رکي ڌرڻو هنيو، جتي حر جماعت جا ماڻهو به وڏي انگ ۾ پهچي ويا، مقتولن جي وارثن جا پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو تي ڳوٺ مٿان حملو ڪرائڻ جا الزام هنيا آهن، مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته علاءُ الدين جوڻيجو ۽ عطاءُ الله جوڻيجو 200 ماڻهن سان گڏجي اسان جي ڳوٺ مٿان حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪرائي جنهن ۾ اسان جا 3 مڙس مارجي ويا آهن، مقتولن جي وارثن موجب ايم اين اي جهيڙو ڪرائي اسان جي زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رکيو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

صوبائي گهرو وزير نوٽيس ورتو، ايس ايس پي سانگهڙ کان تفصيل طلب

چوٽياريون: سنڌ جي گهرو وزير چوٽياريون ۾ خوني جهيڙي دوران ٽن ڄڻن جي مارجڻ جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سانگهڙ کان تفصيل گهرائي ورتا آهن، گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو آهي ته قانون جي رِٽ چئلينج ڪندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو.

مخدوم جميل الزمان نوٽيس ورتو، سڀاڻي متاثرن وٽ ايندو

کپرو: چوٽياريون واقعي جو مخدوم جمايل الزمان نوٽيس ورتو، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي نوٽيس ورتو، سڀاڻي اڱاري ڏينهن مخدوم جميل الزمان متاثر ڳوٺ پھچي مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪندو ۽ واقعي جا تفصيل وٺندو.

نويد ڏيري پاران علاءُ الدين جوڻيجي تي رتوڇاڻ جو الزام

چوٽياريون: اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ اڳواڻ نويد ڏيرو پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو کي چوٽياريون رتوڇاڻ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، نويد ڏيرو چيو ته علاءُ الدين جوڻيجو ڳوٺ تي حملو ڪرايو، ضلعي انتظاميا کي معاملي جي ڄاڻ هئي، ان باوجود تحرڪ نه ورتو ويو، جوابدار ڌر چوي ٿي ته مال جي ڀيل تان جهيڙو ٿيو، جيڪڏهن مال ڀيل ڪئي ته گوليون ڇو هلايون ويون؟

علائقي ۾ ڏهڪاءُ، چوٽياريون شهر بند ٿي ويو

چوٽياريون: ٽن ڄڻن جي قتل واري واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته خوف سبب چوٽياريون شھر مڪمل طور تي بند ٿي ويو،

پيرپاڳاري نوٽيس ورتو، متاثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار

چوٽياريون: حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳاري چوٽياريون واقعي جو نوٽيس وٺندي سروري جماعت جي شهيد ٿي ويلن جي پونئيرن سان همدري جو اعلان ڪيو آهي، ڪنگري هائوس جي ترجمان ڪليم وساڻ موجب پير پاڳاري حر جماعت کي هدايت ڪئي آهي ته هو متاثر سروري جماعت جي ماڻهن جي مدد ڪن ۽ جيڪڏهن متاثر ڪو پرامن احتجاج ڪن ته ان ۾ ضرور شريڪ ٿين، ترجمان موجب پيرپاڳاري جو چوڻ آهي ته حر جماعت سروري جماعت سان هر ڏک سک ۾ گڏ آهي، ترجمان موجب پير پاڳاري جي هدايتن بعد حر جماعت جا ماڻهو متاثرن وٽ پهچي ويا آهن.

جي ڊي اي اڳواڻ سائره وساڻ پاران واقعي جي مذمت

چوٽياريون: جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي سائرهه بانو چوٽياريون واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ بااثر ملوث آهن، هن چيو ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سانگهڙ ضلعي جو امن بحال ڪرايو وڃي.

جھيڙي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن: ايس ايس پي

چوٽياريون: ايس ايس پي سانگهڙ واقعي بابت ڳالهائيندي چيو ته پوليس وڏي نفري سان گڏ علائقي ۾ پهچي وئي آهي ۽ مڪمل طور تي ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، هن ٻڌايو ته جھيڙي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ جاچ جو عمل تيز ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment