چوٽياريون ڊيم ۾وهنجندي چار نوجوان ٻڏي فوت
جُون 8, 2025
چوٽياريون (پنهنجي ڊيسڪ)چوٽياريون ڊيم ۾وهنجندي کپرو جا رهواسي چار نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا آهن، فوت ٿي ويلن ۾ احتشام جٽ، عمر، امان الله ۽ شاهه بيگ شامل آهن، نوجوان چوٽياريون ڊيم ۾ وهنجڻ دوران پاڻي جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويا، واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوانن جا لاش پاڻي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا، اطلاع تي سندن گهرن ۾ ماتم واري صورتحال پيدا ٿي وئي،عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.